گڏيل قومون-30 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ۽ سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبرن جن کي اجتماعي طور تي اي-10 چيو ويندو آهي، لاءِ پاڪستان هائوس ۾ ماهوار مانجهاندي جي ميزباني ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن مان جاري بيان مطابق ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش اي-10 ميمبرن کي گڏيل قومن جي امن مشن جي مستقبل ۽ افغانستان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. بريفنگ کانپوءِ گڏيل قومن جي امن مشنز ۽ افغانستان ۾ صورتحال جي حوالي سان مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.