رياض-30 جنوري(اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان سان آمريڪا جي اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب شهزاده محمد بن سلمان سان رياض ۾ ٿيل بل ڪلنٽن جي ملاقات دوران آمريڪا ۾ سعودي عرب جي سفير شهزادي ريما بنت بندر، مملڪتي وزير ڊاڪٽر مساعد بن محمد العيبان ۽ بل ڪلنٽن جي وفد جا ميمبر به موجود هيا.