اسلام آباد – 28 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ماضي ۾ پاڪستان ۾ راندين جا ميدان ويران ٿي چڪا هئا، ڪيترن ئي سالن کانپوءِ پاڪستان ۾ وڏا ايونٽس شروع ٿي رهيا آهن، چيمپيئنز ٽرافي جو پاڪستان اچڻ اسان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کانپوءِ راندين جو ايونٽ پاڪستان ۾ ٿيندو، جيڪا اسان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. هن چيو ته پي ٽي وي نيشنل براڊ ڪاسٽر آهي، پي ٽي وي اسپورٽس جي ريٽنگ ۾ به اضافو ٿيو آهي. وفاقي وزير چيو ته آءِ سي سي جا رائيٽس حاصل ڪرڻ جي لاءِ وقت سر ادائيگي ڪئي، انهن جون سموريون شرطون پوريون ڪيون آهن. پي ٽي وي آءِ سي سي جا سمورا مئچ ڏيکاريندي. هن چيو ته ڪرڪيٽ نشريات جي لاءِ سٺو پينل جوڙي رهيا آهيون. شعيب اختر، شعيب ملڪ سميت ٻين اسٽارز کي اسڪرين تي آندو ويندو. هن چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس کي وڌيڪ اڳتي وڌائينداسين، ماضي ۾ پي ٽي وي اسپورٽس جي اندر معاملا صحيح نه هئا، پي ٽي وي جي اندر اهڙي طرح سُڌارا نه ڪيا ويا جهڙي طرح ٿيڻ گهرجن ها. آءِ سي سي جي ادائيگين جي حوالي سان ڪا حڪمت عملي نه هئي، اسان جي ڪوشش آهي ته شفاف نظام تحت اسپورٽس چينل کي بحال ڪيو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ريڊيو پاڪستان ۾ آن لائين پينشن جو بهتر نظام متعارف ڪرايو ويو آهي. گهوسٽ ملازمن جي سڃاڻپ ڪرڻ وارن آفيسرن کي شاباس ڏيڻ گهرجي. اهڙن ملازمن کي ڪڍي قوم جو پئسو بچايو آهي باقي ادارن ۾ به اهڙي طرح ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ مثبت تبديلي ڏسڻ ۾ ايندي.