گڏيل قومون- 28 جنوري(اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش آمريڪا طرفان پرڏيھي امداد روڪڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي آمريڪي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ھو ان حڪم نامي ۾ واڌو ڇوٽ تي غور ڪري جنھن تحت لڳ ڀڳ سموري پرڏيھي امداد کي 90 ڏينھن لاءِ روڪيو ويو آھي. ھڪ ھفتو اڳ صدر ٽرمپ جي ايگزيڪيوٽو آرڊر ۾ چيو ويو ھو ته سموري پرڏيھي امداد جو نئين سر جائزو ورتو وڃي ته جيئن اھو يقيني بڻايو وڃي ته ان سان اها امداد نئين پرڏيھي پاليسي جي ترجيحن جي تعميل ڪري ٿي. آمريڪي صدر جي ايگزيڪيوٽو آرڊر جو دائري ڪار فوري طور تي واضح ناھي ٿيو پر جمعي ڏينھن خبرن مطابق آمريڪي پرڏيھي وزير مارڪو روبيو ھڪ حڪم جاري ڪيو جنھن ۾ ڪنھن به نئين فنڊنگ کي روڪيو ويو آهي جڏھن ته ان تي نظرثاني اڃا تائين التوا ھيٺ آھي. آمريڪي پرڏيھي کاتي جي ھدايت ۾ مبينا طور تي واضح ڪيو ويو آھي ته موجوده پروگرامن لاءِ فنڊنگ به وقت تائين معطل آھي جيستائين ان جو جائزو نٿو ورتو وڃي. مبينا طور تي ڇوٽ رڳو اسرائيل ۽ مصر لاءِ فوجي امداد ۽ ھنگامي خوراڪ جي امداد لاءِ ھئي. گڏيل قومن جي اڳواڻ طرفان سندس ترجمان اسٽيفن دوجارڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آمريڪي پرڏيھي امداد ۾ تعطل جي اعلان تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو آھي. هن مطالبو ڪيو آھي ته اضافي ڇوٽ تي غور ڪيو وڃي ته جيئن سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪمزور برادرين لاءِ اھم ترقي ۽ انساني ھمدردي جي سرگرمين جي مسلسل فراھمي کي يقيني بڻايو وڃي، جن جو زندگي ۽ مالي گذران رڳو ان امداد تي دارومدار رکي ٿو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آمريڪي صدر جي ٽرمپ انتظاميا سان گڏ ان حوالي سان ڳالھين جي انتظار ۾ آھن ته سخت ترين چئلينجز کي منھن ڏيڻ واري ترقي ڪندڙ دنيا جي شھرين کي ترقياتي امداد فراھم ڪرڻ لاءِ ڪھڙي طرح جي مدد جي سخت ضرورت آھي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا امداد فراھم ڪرڻ وارن وڏن ملڪن مان ھڪ آھي ۽ اھو ضروري آھي ته اسان گڏيل طور تي ڳتي وڌڻ لاءِ ھڪ اسٽريٽجڪ رستي جي جوڙجڪ لاءِ تعميري ڪم ڪيون. آمريڪي حڪومت دنيا ۾ امداد جو واحد سڀني کان وڏو عطيي جو ھڪ سبب آھي، جنھن سال 2023ع دوران اٽڪل 72 بلين ڊالرن جي امداد فراھم ڪئي.