اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جاپان سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر جاپان جي سفير اڪاماٽسو شوچي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ هڪ ٻئي جي لاءِ خيرسگالي جو رشتو آهي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ م ٻطرفي تعاون جي تاريخ جو ذڪر ڪيو ۽ پاڪستان جي اقتصادي ۽ صنعتي ترقي جي ڪوششن جي لاءِ جاپان جي حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم جاپان سان واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. جاپان جي سفير پاڪستان جي ترقياتي هدفن جي حمايت ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي پنهنجي ملڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گذريل سال جاپان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اوورسيز ڊيولپمينٽ اسسٽنس جا 70 سال پورا ٿيڻ جو ذڪر ڪندي جاپان جي سفير چيو ته جاپان پاڪستان جي ترقي ۾ پنهنجي حصيداري جاري رکڻ جو خواهشمند آهي.