اسلام آباد – 24 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جديد ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل جامع تعليمي نظام کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت تعليمي ادارن کي فني ترقي جو محور بڻائڻ جي لاءِ اهم قدم کنيا آهن، اسان کي گڏجي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو پوندو ته تعليم ايندڙ نسلن جي لاءِ اميد جو ڪِرڻو بڻيل رهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تعليم جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اسان ٽيڪنالاجي جي تيز رفتار ترقي سان قدم سان قدم ملائيندي ماڻهن ۽ ڪميونٽيز کي بااختيار بڻائڻ ۾ تعليم جي اهم ڪردار کي تسليم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته هن سال جي تعليم جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”مصنوعي ذهانت ۽ تعليم: خودڪاري جي دنيا ۾ انساني عمل جو تحفظ“ تحت اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي ته مصنوعي ذهانت ۾ اڳڀرائي انسانيت جي خدمت جي لاءِ اسان جي گڏيل ڪوششن ۾ مددگار هجي. هن چيو ته مصنوعي ذهانت سان هلندڙ نظام جي تيزي سان اسان جي زندگين جو حصو بڻجڻ سان انساني مداخلت ۽ مشيني ڪردار جي وچ ۾ فاصلو گهٽ ٿي رهيو آهي، اها صورتحال اسان جي لاءِ موقعا ۽ چئلينجز ٻئي فراهم ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته هتي اهو سوال انتهائي اهم آهي ته آٽوميشن جي وڌندڙ لهر جي وچ ۾ اسان انساني عملن کي ڪيئن برقرار رکي ۽ وڌائي سگهون ٿا؟ اسان سڀ تسليم ڪريون ٿا ته تعليم تبديلي جو اصل محرڪ آهي جيڪا نوجوانن کي ترقي جي منزل طئي ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪري ٿي. وزيراعظم چيو ته تنقيدي سوچ ۽ اخلاقي ذميواري کي فروغ ڏئي اسان نه رڳو پنهنجي شهرين کي ٽيڪنيڪي تبديلين موجب آڻڻ جي لاءِ گهربل جديد وسيلا فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا پر انهن کي ان انداز ۾ اختيار ڪرڻ چاهيون ٿا ته ان سان اسان پنهنجي قدرن ۽ آزادين کي پڻ برقرار رکي پنهنجي معاشري کي ترقي پڻ ڏيون. هن چيو ته اسان پنهنجي تعليمي ادارن کي فني ترقي جو محور بڻائڻ جي لاءِ تيار ڪرڻ جي ڏس ۾ اهم قدم کنيا آهن، ان ۾ انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز جي تعليم ڏيندڙ ڪاليجن ۾ هاءِ امپيڪٽ آءِ ٽي ليبز جو قيام، ڳوٺن ۾ موجود آءِ سي ٽي اسڪولن ۾ ڊيجيٽل حب، گوگل سينٽر آف ايڪسيلينس، سمارٽ ڪلاس رومز ۽ اي تعليم پورٽل وغيره شامل آهن. وڌيڪ اهو ته اسان جدت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ روزگار مرڪز، سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪس، روبوٽڪس اينڊ مائنڊ گيمز ۽ اسٽيم ليبز جهڙا منصوبا شروع ڪيا آهن. وزيراعظم چيو ته ٻارن کي گهربل مهارتن سان ليس ڪرڻ جي لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ لازمي آهي، اڄ جي ڏينهن اسان هڪ اهڙي تعليمي نظام کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا جيڪو انسان جي تخليقي صلاحيتن کي جلا بخشي ۽ ان ۾ احساس ۽ مقصديت پيدا ڪري. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن جي مناسبت سان آئون پنهنجي استادن ۽ علم جي شعبي سان واڳيل ماڻهن جي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪي معاشري کي علم جي روشني سان منور ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته اچو اسان سڀ گڏجي علم جي روشني جي ان نيڪ مقصد کي اڳتي وڌائيندا رهون ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته تعليم ايندڙ نسلن جي لاءِ اميد جو ڪِرڻو بڻيل رهي.