ڊيووس-23 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش چيو آهي ته شام ۾ ورهاڱي جو خطرو هاڻي به موجود آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم کي خطاب ڪندي هن چيو ته شام جو ورهاڱو هاڻي به ممڪن آهي. خاص طور تي اتي جي ڊيموڪريٽڪ فورسز جي موجودگي سان جيڪا ملڪ جي اتر اوڀر حصي جي علائقن کي ڪنٽرول ڪري ٿي. ورهاڱي جو هڪ وڏو سبب ملڪ ۾ وڌنڌڙ انتهاپسندي پڻ آهي. هن غزه پٽي ۾ جنگبندي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ اسرائيل پاران اتي شروع ڪيل آپريشن سبب پيدا ٿيل تازي ڇڪتاڻ جو حوالو ڏيندي چيو ته اسرائيل اهو سمجهي ٿو ته اولهه ڪناري جي الحاق جو هي صحيح وقت آهي.