گڏيل قومون – 23 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته خطي جي ملڪن ۽ آمريڪا سان بهتر لاڳاپن لاءِ ايران کي پهريون قدم کڻڻ گهرجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه گڏيل قومون جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ڊيووس ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم کي خطاب دوران چئي. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ لاڳاپيل سوال ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن جو آهي، ايران ان ڳالهه کي سمجهي ٿو، توقع آهي ته هو ايٽمي هٿيار جي پروگرام تان هٿ کڻڻ ۽ خطي جي ٻين ملڪن سان تعميري بنياد تي شريڪ هوندو.