ڊيووس-23 جنوري (اي پي پي)ايران چيو آهي ته ان ڪڏهن به ايٽمي هٿيارن جي جستجو ناهي ڪئي، اميد آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسلامي جهموريه سان معاملن ۾ عقل مندي جي چونڊ ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي نائب صدر محمد جواد ظريف سوئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم کي خطاب ڪندي چئي. جواد ظريف چيو ته ايران مان دنيا جي سلامتي کي ڪو خطرو ناهي ڇو ته ان ڪڏهن ايٽمي هٿيارن جي جستجو ناهي ڪئي. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته هن ڀيري ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ سنجيده، وڌيڪ حقيقت پسند ٿيندو. واضع رهي ته صدر ٽرمپ پنهنجي اڳوڻي پاليسي تي واپس اچڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي جنهن ۾ ايران کي ان جي ايٽمي ۽ بيلسٽڪ ميزائل پروگرامز ۽ علائقائي سرگرمين بابت معاهدي جي حوالي سان ڳالهين تي مجبور ڪرڻ لاءِ اقتصادي دٻاءُ استعمال ڪيو ويو هو.