رياض-23 جنوري (اي پي پي)سعودي عرب ايندڙ چئن سالن ۾ آمريڪا ۾ پنهنجي واپار ۽ سيڙپڪاري کي گهٽ ۾ گهٽ 600 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب گذريل رات ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران سعودي ولي عهد ان منصوبي بابت آمريڪي صدر ٽرمپ کي آگاهه ڪيو. ٽرمپ دنيا جي سڀني کان وڏي معيشت ۾ وسيع پيماني تي سڌارا آڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، شهزاده محمد بن سلمان چيو آهي ته مملڪت شراڪت داري ۽ سيڙپڪاري جي موقعي ۾ حصو وٺڻ جو خواهشمند آهي پر سيڙپڪاري بابت تفصيل ناهي ڏني وئي. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سهڪار جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دهشتگردي خلاف ٻه طرفه سهڪار کي وڌائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي