پئرس-22 جنوري (اي پي پي) ٻن فرانسيسي تحقيقاتي ميجسٽريٽس شام جي اڳوڻي صدر بشارالاسد جي مبينه طور تي انسانيت خلاف ڏوهن ۾ ملوث هجڻ تي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب هي فرانس جي عدليه طرفان ان نوعيت جو ٻيو قدم آهي. جاري وارنٽ بشار الاسد جي شام جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر ان چيف جي حيثيت سان 2017ع ۾ دارا شهر تي بمباري ۾ هڪ شامي ڄائي فرانسيسي شهري جي مارجڻ ۾ ملوث هجڻ تي جاري ڪيو ويو. گرفتاري وارنٽ 59 سالن جي صالح ابونابوت جي گهر تي 7 جون 2017ع تي شامي فوج جي هيلي ڪاپٽرن جي بمباري ۾ ان جي مارجڻ جي جاچ جي سلسلي ۾ جاري ڪيو ويو آهي. عدالتي ذريعن موجب فرانسيسي عدليه جو خيال آهي ته بشار الاسد نه رڳو ان حملي جو حڪم ڏنو پر ان حملي لاءِ ذريعا به فراهم ڪيا. ان ڪيس ۾ فرانس جي عدليه پهريان ئي شام جي فوج جي 6 آفيسرن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي، ان ڪيس جي جاچ 2018ع ۾ شروع ڪئي وئي هئي.اي پي پي/ر – م/س – و 13:45