گڏيل قومون-22 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ٿيندڙ جنگ بندي معاهدو لاڳو ٿيڻ بعد امدادي قافلن تي ڪنهن قسم جي حملي جو ڪو اطلاع ناهي مليو. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي اداري ”او سي ايڇ اي“ جي ترجمان ڪينس لارا جنيوا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جنگ بندي معاهدي تي عملدرآمد جي ٻن ڏينهن ۾ امدادي سامان کڻي ويندڙ قافلن ۽ ڪارڪنن تي ڪنهن قسم جي اسرائيلي حملن جو ڪو اطلاع ناهي مليو.