رام الله-22 جنوري (اي پي پي) فلسطيني اٿارٽي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان يهودي آبادڪارن تان پابنديون کڻڻ تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو آهي ته ان جي نتيجي ۾ فلسطين خلاف ڇڪتاڻ وڌي ويندي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ اقتدار سنڀالڻ جي پهرين ڏينهن والاريل اولهه ڪناري جي پرتشدد يهودي آبادڪارن تي لاڳو ڪيل پابندين کي ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي، جن کي جوبائيڊن انتظاميه بار بار پرتشدد حملا ڪرڻ سبب يهودي آبادڪارن ۽ ان جي ڪجهه گروپن تي لاڳو ڪيون هيون. انهن پابندين جي نتيجي ۾ آمريڪا ۾ ان جا اثاثا فريز ڪرڻ ۽ آمريڪي شهرين کي ان سان ڪاروبار جي ڏي وٺ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو. آمريڪا ۽ يورپي برادري يهودي آبادڪارن جي فلسطينين تي بار بار پرتشدد حملن کي ڏسڻ ۽ اسرائيلي حڪومت طرفان روڪٿام نه ڪرڻ بعد تنگ اچي اهي پابنديون لڳايون هيون. جن کي ڊونلڊ ٽرمپ پهريان ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي.