واشنگٽن- 21 جنوري (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي مخالف جوبائيڊن جي مقرر ڪيل چار سينيئر سرڪاري عهديدارن کي برطرف ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ خبردار ڪيو ته وڌيڪ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ سرڪاري عهديدارن کي به اهڙي ئي سلوڪ جو منهن ڏسڻو پوندو. ٽرمپ پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته منهنجو عملو اڳوڻي انتظاميه طرفان ڀرتي ڪيل هڪ هزار کان وڌيڪ صدارتي مقررين جي نشاندهي ڪري انهن جي برطرفي تي ڪم ڪري رهيو آهي. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي آمريڪا کي ٻيهر عظيم بڻائڻ جي اسان جي ويزن سان هم آهنگي نٿا رکن. نئين چونڊيل صدر پريزيڊنٽس ڪائونسل آن اسپورٽس فٽنس اينڊ نيوٽريشن جي جوز اينڊ ريس، نيشنل انفراسٽرڪچر ايڊوائزري ڪائونسل جو عهديدار مارڪ ملي، ولسن سنٽر فار اسڪالرز جو عهديدار برائن هڪ ۽ پريزيڊنٽس ايڪسپورٽ ڪائونسل جو عهديدار ڪيشالانس باٽمز کي فوري طور تي برطرف ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.