بيجنگ- 21 جنوري (اي پي پي) چين غزه ۾ جنگبندي معاهدي تي عملدرآمد جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماوننگ چيو ته غزه ۾ جنگبندي معاهدي تي عملدرآمد سٺو سئنوڻ آهي ۽ جنهن جي آجيان ڪريون ٿا. هن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته معاهدي تي مڪمل ۽ مستقل طور تي عمل ڪيو وڃي ۽ غزه ۾ مستقل جنگبندي ڪئي ويندي. ترجمان چيو ته چين، وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم جاري رکندو. چين تاريخي طور تي فلسطين مسئلي لاءِ همدردي رکي ٿو ۽ اسرائيل ۽ فلسطين تڪرار جي مستقل حل لاءِ ٻن رياستن جي قيام جي حمايت ڪري ٿو.