غزه- 21 جنوري (اي پي پي) غزه جنگ دوران اسرائيلي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ غزه جي پٽي جو هڪ وسيع حصو مڪمل طورتي تباهه ٿي چڪو آهي جنهن جي نئين سر تعمير لاءِ ڪيترائي سال ۽ اربين ڊالر گهربل آهن. گڏيل قومن پاران هلندڙ مهيني جاري ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته غزه ۾ 5 ڪروڙ ٽَن ملبو موجود آهي جنهن جي رڳو صفائي لاءِ 21 سال لڳي سگهن ٿا، جڏهن ته ان لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر گهربل آهن. ڊي ڊبليو مطابق ان کان اڳ گڏيل قومن پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته غزه جي پٽي ۾ تباهه ٿيل گهرن جي نئين سر تعمير 2040ع تائين ممڪن ٿي سگهندي، ان کان وڌيڪ به وقت لڳي سگهي ٿو. واضع رهي ته غزه ۾ 15 مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين جاري رهندڙ جنگ بعد آمريڪي، قطري ۽ مصر جي ٽياڪڙي ۾ طئي ٿيل معاهدي تحت 6 هفتن لاءِ جنگ بندي ڪئي وئي آهي ۽ امدادي ادارن ۽ عالمي برادري جو ڌيان هاڻي غزه جي نئين سر تعمير تي آهي.