غزه- 20 جنوري (اي پي پي) غزه ۾ جنگبندي معاهدي جي پهرين مرحلي تي عملدرآمد شروع ٿيڻ کانپوءِ اسرائيلي اختيارين 90 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي جيڪي پنهنجن گهرن ۾ پهچي ويا آهن. اسرائيلي جيلن مان آزاد ٿيلن ۾ 69 عورتون ۽ 21 ننڍا ٻار شامل آهن، جو واسطو اولهندي ڪناري ۽ والاريل بيت المقدس سان آهي. انهن مان وڏو انگ اهڙن ماڻهن جو آهي، جن کي ويجهڙائي ۾ حراست ۾ ورتو ويو هو ۽ اسرائيلي عدالتن طرفان انهن کي سزائون نه ٻڌايون هيون ۽ نه ئي اسرائيلي عدالتن ۾ انهن خلاف ڪيسن تي ٻڌڻي ٿي هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آزاد ٿيل 90 فلسطيني قيدين کي کڻي ويندڙ بس جئين ئي اولهندي ڪناري تي پهتي ته فلسطينن جي هڪ وڏي انگ بس کي گهيري ورتو ۽ آزاد ٿيلن کي ڀليڪار ڪيو. جنگبندي معاهدي جي پهرين مرحلي جي نتيجي ۾ اسرائيل طرفان 1900 فلسطيني قيدين ۽ انهن جي عوض 33 اسرائيلي يرغمالين جي آزادي جو امڪان آهي. ٻئي طرف گڏيل قومن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته جنگبندي معاهدي جي پهرين مرحلي جي نتيجي ۾ گذريل ڏينهن امدادي سامان سان ڀريل 630 ٽرڪون غزه ۾ داخل ٿيون آهن.