استنبول- 20 جنوري (اي پي پي) چين جي نائب صدر هان زينگ آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري کان اڳ ارب پتي ۽ آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ٽيسلا جي سي اي او ايلون مسڪ سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آمريڪي ڪمپينن جي سيڙپڪاري کي ڀليڪار ڪيو. واشنگٽن ۾ چيني سفير زي فينگ مطابق آمريڪا جي پنهنجي سفر جي شروعات ڪندي هان زينگ نئين چونڊيل آمريڪي هم منصب جي ڊي وينس سان ملاقات ڪئي ۽ ٻه طرفي ۽ عالمي لاڳاپن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هان زينگ چيو ته صدر شي جن پنگ ۽ ان جي آمريڪي هم منصب ڊونلڊ ٽرمپ ويجهڙ ۾ پنهنجي فون ڪال دوران مستقبل ۾ چين آمريڪا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ بابت ڪيترن گڏيل طور تي مفيد نُڪتن تي مفاهمت جو اشارو ڏنو. هن جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن جي سربراهن جي قيادت ۾ سفارتڪاري ذريعي گڏيل مفادن تي عملدرآمد سان ٻه طرفن لاڳاپن جي استحڪام ۽ پائيدار ترقي لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ تي تيار آهن.