تهران – 20 جنوري (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيزشڪيان پنهنجي روس جي هم منصب ولاديمير پيوٽن سان لاڳاپن کي دوستاڻو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب هن هڪ انٽرويو دوران روس جي هم منصب ولاديمير پيوٽن سان ملاقات کانپوءِ دوستاڻي احساس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته اسان وٽ نظرين جي وڌندڙ هم آهنگي آهي، جيڪا وڌندي پئي وڃي ۽ اسان روس جي صدر جي موقف تي متفق آهيون. هر گذرندي ڏينهن سان گڏ آزادي ۽ آزادي جي خواهشمند ملڪن جي دنيا ۾ ضرورت کي قبول ڪري رهيا آهيون. ايران جي صدر چيو ته اسانجا لاڳاپا گڏيل جذبن سان ڀريل آهن.