واشنگٽن – 20 جنوري (اي پي پي) چين چيو آھي ته هو مستحڪم ناتن لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق اھا ڳالھه چين جي نائب صدر ھان زينگ آمريڪا جي نئين چونڊيل نائب صدر جي ڊي وينس سان ملاقات دوران چئي. ھو آمريڪي ڌر جي دعوت تي صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي طور نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ واشنگٽن ۾ موجود آھي. ھن چيو ته صدر شي جن پنگ ۽ سندس نئين چونڊيل آمريڪي ھم منصب ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ طئي ٿيل اھم اتفاق راءِ تي عمل ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آھيون ته جيئن ٻطرفن لاڳاپن کي مستحڪم ڪري صحتمند ۽ پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائي سگهجي. ھن اميد ظاھر ڪئي ته ٻئي ڌريون گڏيل احترام، پرامن گڏيل بقا ۽ سھڪار جي اصولن کي برقرار رکندي عالمي امن ۽ ترقي ۾ اھم ڪردار ادا ڪنديون. سندس چوڻ ھو ته گڏيل اختلافن باوجود ٻنھي ملڪن جي گڏيل مفادن ۽ سھڪار لاءِ گنجائش موجود آھي ۽ ڌريون ان سلسلي ۾ ڳالھين ۽ صلاح مشوري کي مضبوط بڻائي سگھن ٿيون.