واشنگٽن _20 جنوري (اي پي پي)آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي حلف برادري تقريب کان هڪ ڏينهن اڳ واشنگٽن ۾ ريلي کي خطاب ڪيو ۽ لکين پرڏيهين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪي تاريخ جي اها سڀ کان وڏي سياسي تحريڪ آهي ۽ 75 ڏينهن اڳ اسان کي هڪ اهم سياسي ڪاميابي حاصل ٿي جيڪا ان کان پهريان اسان جي ملڪ ڪڏهن ناهي ڏٺي. هن عهدو سنڀاليندي ئي تاريخي رفتار سان ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ کي درپيش هر بحران جو حل ڪڍندس. ٽرمپ سان گڏ اسٽيج تي دنيا جو امير ترين شخص ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس جو مالڪ ايلون مسڪ به موجود هو جنهن کي ٽرمپ حڪومتي بيروڪريسي جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ ۽ انتظاميه جا اضافي خرچ گهٽائڻ جي ذميواري ڏني آهي. ڊونلڊ ٽرمپ صدر چونڊجڻ بعد ئي اهڙا بيان ڏنا آهن جنهن مان اهو اشارو ملي ٿو ته ايندڙ چئن سالن دوران آمريڪا جي اندروني ۽ پرڏيهي پاليسي ڪهڙو رخ اختيار ڪرڻ وڃي رهي آهي . تازو ڪجهه هفتن ۾ ٽرمپ گرين لينڊ ۽ پاناما ڪينال تي قبضي کان علاوه ڪينيڊا کي آمريڪا جو حصو بڻائڻ بابت پنهنجي اتحادين کي ڳڻتي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. ٽرمپ چيو ته هو صدارتي منصب سنڀالڻ جي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي بائيڊن انتظاميه جي هرانتها پسند ۽ بيوقوفاڻي ايگزيڪيوٽو آرڊر کي رد ڪري ڇڏيندو. پرڏيهي ميڊيا جي ذريعن ٻڌايو ته سومر کان 200 کان وڌيڪ ايگزيڪيوٽو قدم کڻڻ جو ارادو رکي ٿو.