گڏيل قومون-17 جنوري (اي پي پي) پاڪستان يوڪرين ۾ جاري جنگ جلد ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ان سان شهرين جو جاني ۽ ٻيو نقصان ٿي رهيو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون سلامتي ڪائونسل ۾ يوڪرين جنگ تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اهو اجلاس ان حوالي سان اهم موقعي تي ٿي رهيو آهي ته يوڪرين جي جنگ کي 3 سال مڪمل ٿيڻ وارا آهن ۽ عالمي اداري جي سياسي معاملن بابت انڊر سيڪريٽري جنرل روز ميري ڊي ڪارلو جي سلامتي ڪائونسل کي بريفنگ موجب ان ۾ مسلسل شدت اچي رهي آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي آهي. هن چيو ته ان جنگ ۾ شهرين جو وڏي پئماني تي جاني ۽ ٻيو نقصان ٿي رهيو آهي، ان کانسواءِ بنيادي ڍانچي کي به شديد نقصان پهتو آهي، پاڪستاني نمائندي خبردار ڪيو ته جنگ جي شدت ۾ اضافو موجوده بحران کي وڌيڪ وڌائيندو. اسان کي جنگ جي جلدي خاتمي ۽ هڪ اهڙي حل جي ضرورت آهي جيڪو پائيدار امن قائم ڪري سگهي. عثمان جدون چيو ته يوڪرين جنگ جي مسئلي جو حل ميدان جنگ ۾ نه پر ڳالهين ۾ آهي. هن چيو ته تڪرار کي وڌيڪ وڌائڻ بدران پاڪستان ان تڪرار جي خاتمي لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀري ٿو.