مڪه مڪرمه -15 جنوري (اي پي پي) سعودي عرب جي سول ايوي ايشن حج 2025ع جي فلائيٽ شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي شروعات 20 اپريل 2025 ع پهرين ذوالقعد 1446 هجري اڱاري ڏينهن کان ٿيندي جڏهن ته حاجين جي واپسي 13 ذوالحج کان شروع ٿيندي جيڪا جمعي ڏينهن 11 جولاءِ 15 محرم الحرام 1447 هجري تائين جاري رهندي جنهن بعد حج آپريشن ختم ٿي ويندو. سول ايوي ايشن طرفان حج فلائيٽ شيڊول جي رجسٽريشن جو عمل 3 ربيع الثاني کان شروع ٿيندو جيڪو 30 شوال تائين جاري رهندو . ان دوران حج فلائيٽس جي آمد ۽ ان جي پروگرام جي حتمي لسٽ جاري ٿيندي . ضابطن مطابق فضائي ڪمپنيون ان ڳالهه جون پابند هونديون ته مقرر شيڊول تي سختي سان عمل ڪنديون . اهڙيون ڪمپنيون جيڪي فلائيٽس کي منظم نه ڪنديون انهن خلاف مقرر ضابطن مطابق ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. خصوصي موبائيل ايپ تي حج جي خواهشمندن لاءِ سموري معلومات انهن جي موبائيل فون تي دستياب هوندي. حج جا خواهشمند پنهنجي حج گروپ جي معلومات، تربيتي شيدول، فلائيٽ جي معلومات، سعودي عرب ۾ پنهنجي رهائش ۽ حج دوران حج بابت هنڌن جي لائيو نقشن ۽ لوڪيشن بابت پاڻ کي آگاهه رکي سگهندا.