ماسڪو _15 جنوري (اي پي پي) روس چيو آهي ته ايران سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري ڪنهن ملڪ خلاف نه هوندي. اها ڳالهه روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف گذريل ڏينهن چئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ايران سان گڏ روس جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي معاهدي جي امڪان بابت چيو ته ٻنهي ملڪن جي اها شراڪتداري ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف نه هوندي. ڪريملن هڪ ڏينهن اڳ اطلاع ڏنو هو ته روس جو صدر ولاديمير پيوٽن ۽ ايران جو صدر مسعود پيز شڪيان 17 جنوري تي ٻه طرفين ڳالهين بعد ان غير معمولي معاهدي تي صحيحيون ڪندا. ڪريميلن مطابق ٻئي سربراهه واپار ۽ سيڙپڪاري، لڏ پلاڻ ۽ انساني وسيلن جي حوالي سان مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ تي غور ڪندا . ان کان علاوه علائقائي ۽ عالمي سطح تي موجوده صورتحال جو جائزو پڻ وٺندا.