ڪيپ ٽائون-02 جنوري(اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ۽ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 3 کان 7 جنوري تائين نيولينڊز، ڪيپ ٽائون ۾ کيڏي ويندي. پروٽيز ٽيم کي پاڪستان خلاف ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي برتري حاصل آهي. ميزبان پروٽيز ٽيم، گرين شرٽس کي پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ٻن وڪيٽن تان هارايو هو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي – ٽوئنٽي ۽ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کان علاوه هڪ ٽيسٽ ميچ کيڏي وئي آهي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ گرين شرٽس کي 0-2 تان هارايو هو، جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ برسات سبب نه ٿي سگهي هئي. ٽيسٽ سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم جي اڳواڻي شان مسعود ڪري رهيو آهي، ٻئي ٽيمون ٻين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ بهترين حڪمت عملي تحت ميدان ۾ لهنديون.