ويلنگٽن _ 01 جنوري (اي پي پي) نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي – ٽوئنٽي عالمي ميچن جي سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ 2 جنوري خميس ڏينهن کيڏي ويندي. اها ميچ سيڪسٽن اوول، نيلسن ۾ کيڏي ويندي . ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم کي مهمان آئيلينڊرز خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلي جوڳي سرسي حاصل آهي. نيوزيلينڊ پهرين ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ سريلنڪن ٽيم کي 8 رنسن تان شڪست ڏني هئي. نيوزيلينڊ جي ٽيم ٻي ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ سريلنڪن ٽيم کي 45 رنسن تان هارائي ڇڏيو هو. سريلنڪن ٽيم پنهنجي نيوزيلينڊ جي دوري دوران ٽن ٽي – ٽوئنٽي ۽ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏندي. نيوزيلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽئين ۽ آخري ميڇ (اڄ ) خميس تي سيڪسٽن اوول ، نيلسن ۾ کيڏي ويندي . ٽي – ٽوئنٽي سيريز ۾ ميزبان نيوزيلينڊ جي جي قيادت مچل سينٽنر ڪري رهيو آهي . جڏهن ته مهمان سريلنڪن ٽيم جي قيادت چارٿ اسالنڪا ڪري رهيو آهي . ٽي ٽونٽي سيريز مڪمل ٿيڻ بعد ٻنهن ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 5 جنوري تي ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي، ٻي ون ڊي ميچ 8 جنوري تي هيملٽن ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 11 جنوري تي آڪلينڊ ۾ کيڏي ويندي.