جوهانسبرگ-23 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي 1992ع کانپوءِ پنهنجي ئي هوم گرائونڊ تي ٽين ون ڊي ۾ شڪست ڏئي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. ٽن ون ڊي ميچز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريقا کي 35 رنسن سان شڪست ڏئي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو. سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان پهرين بيٽنگ ڪندي ڏکڻ آفريقا کي کٽڻ لاءِ 308 رنسن جو هدف ڏنو هو. جوهانسبرگ ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريقي ڪپتان ٽاس کٽي مهمان ٽيم کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. ميچ شروع ٿيڻ کان پوءِ برسات سبب ميچ روڪڻي پئي. 3 اوورز گهٽ ڪيا ويا. قومي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي صائم ايوب جي شاندار سينچريءَ عيوض مقرر 47 اوورز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 308 رنسون بڻايون. اننگ دير سان شروع ٿيڻ تي پاڪستان جي هڪ رنس گهٽ ٿي وئي ۽ ڏکڻ آفريقا کي 308 رنسن جو هدف مليو. اوپنر صائم ايوب 101 رنسن جي اننگز کيڏي، صائم 91 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي، سندس بيٽنگ ۾ 13 چؤڪا ۽ 2 ڇڪا شامل هئا. ان کان علاوه ڪپتان محمد رضوان 53 ۽ بابر اعظم 52 رنسون ٺاهيون. نائب ڪپتان سلمان آغا 48 ۽ طيب طاهر 28 رنسن سان نمايان رهيا. ميزبان ٽيم طرفان رابادا 3، مارڪوينسين ۽ فوٽين 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.