اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ بلوچستان ۾ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سپر ليگ جي 10 هين ايڊيشن جو پليئر ڊرافٽ گوادر ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڊرافٽ جي تقريب 11 جنوري 2025ع تي گوادر ۾ منعقد ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي چيو ته گوادر جي شاندار سامونڊي پٽي پاڪستان لاءِ اسٽريٽجڪ اهميت رکي ٿي، گوادر پاڪستان جي اقتصادي مستقبل جي علامت آهي، اسان گوادر جي ثقافتي ۽ اقتصادي اهميت جي اجاگر ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان گوادر ۾ ڪرڪيٽ ذريعي قومي يڪجهتي جو جشن ملهائڻ چاهيون ٿا. سلمان نصير جو چوڻ هو ته گوادر کي سپر ليگ پليئرز ڊرافٽ جو ميزبان بڻائيندي فخر محسوس ڪري رهيون آهيان، هي فيصلو ڪرڪيٽ بورڊ کي پاڪستان جي هر ڪنڊ ڪڙڇ تائين هٿي ڏيڻ جو عزم ظاهر ڪري ٿو. دنيا کي پاڪستان جي خوبصورتي ڏيکارڻ به اسان جو عزم آهي. رانديگرن جي ريليگيشن ۽ ريٽينشن جو اعلان ڊسمبر جي آخر ۾ ڪيو ويندو. پي سي بي موجب گوادر جي سليڪشن علائقي ۾ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪئي وئي آهي.