ميرپورخاص – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) ميرپورخاص يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ چيو آهي ته هيءَ يونيورسٽي ٿر سميت ميرپورخاص ڊويزن جي پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ اعليٰ درسگاهه ثابت ٿيندي، هن خطي ۾ تمام سٺا ذهن آهن جيڪي پنهنجي اعليٰ ذهانت سان يونيورسٽي توڙي علائقي لاءِ مثال قائم ڪندا، حڪومت، هتان جا سرندي وارا ۽ هتان جو باشعور عوام پنهنجي شهر جي يونيورسٽي لاءِ غيرمشروط ڀرپور سهڪار ڪري ته جيئن هي ادارو هڪ مثالي ادارو بڻجي وڃي. اهڙو اظهار وائيس چانسلر اي پي پي کي ڏنل هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. وائيس چانسلر چيو ته يونيورسٽي جون سموريون آئيني گهرجون پوريون ٿي ويون آهن، يونيورسٽي جو بنياد سنڌ اسيمبلي جي ايڪٽ تحت 2023ع ۾ پيو. جنهن سان هتان جي نوجوانن لاءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ٿيا آهن، يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل جاري آهي ۽ ميرپورخاص يونيورسٽي ۾ پهرين بئچ جا پڙهندڙ شاگرد سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو کان ڊگري وٺندا، جڏهن ته تازو 24 نومبر 2024ع تي سال 26-2025ع جي بيچ لاءِ انٽري ٽيسٽ بعد داخلا وٺندڙ شاگردن کي ميرپورخاص يونيورسٽي پاڻ ڊگريون الاٽ ڪندي.
يونيورسٽي جي پهرين انٽري ٽيسٽ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر کان ڪرائي وئي ۽ هاڻي اميد آهي ته ايندڙ سال کان اها ٽيسٽ به ميرپورخاص يونيورسٽي پاڻ ڪرائيندي. پهرين انٽري ٽيسٽ ۾ اٽڪل 1500 شاگردن حصو ورتو، جنهن ۾ شاگردن بي بي اي، ڪمپيوٽر سائنس، آءِ ٽي، انگلش لٽريچر ۽ انگلش لئنگويسٽڪ، ڊيٽا سائنس سميت 10 شعبن لاءِ اپلاءِ ڪيو. وائيس چانسلر واضح ڪيو ته هاڻي سال 26-2025ع جي بيچ جا سمورا شاگرد ميرپورخاص يونيورسٽي مان ئي ڊگري وٺندا. يونيورسٽي ۾ شاگردن جي ڪل انرولمينٽ 850 جي لڳ ڀڳ آهي. وائيس چانسلر يونيورسٽي جي حوالي سان پڇيل سوال تي چيو ته يونيورسٽي کي هن وقت بنيادي ڍانچي جا چئلينجز درپيش آهن، مستقل اجهي يا بنيادي ڍانچي کان سواءِ معاملن هلائڻ ۾ ڏکيائي آهي پر ان باوجود به يونيورسٽي جي شاگردن جي تعليم، سندن رهائش ۽ ٽرانسپورٽ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن. مختلف سرندي وارن کي غير مشروط مدد ۽ حمايت جي درخواست ڪئي آهي ۽ انهن سان ملاقاتون پڻ ڪيون آهن. ان سلسلي ۾ انهن کان يونيورسٽي لاءِ زمين وٺڻ جون ڪوششون جاري آهن. هن وقت يونيورسٽي جي بجيٽ 25 ڪروڙ آهي، جيڪا وڌائڻ جي ضرورت آهي. يونيورسٽي جي ايڇ آر پاليسي ٺاهي آهي، ان تحت نيون ڀرتيون ڪري سگهنداسين، هن وقت يونيورسٽي شاهه لطيف ڪاليج جي هاسٽل ۾ قائم ٿيل آهي، جنهن کي مرمت بعد ايڊمنسٽريشن بلاڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏينداسين، جڏهن ته اڪيڊمڪ بلاڪ لاءِ في الحال رينٽ تي جاءِ وٺڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.جنهن کي جنوري تائين حتمي شڪل ڏئي وٺنداسين. موجوده عمارت جي مرمت لاءِ 4 ڪروڙ روپيا رکيا آهن، جنهن کان پوءِ ان کي ايڊمنسٽريشن بلاڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏينداسين. ٿر ۽ ڀرپاسي جي ڏورانهن علائقن جي شاگردن لاءِ عمرڪوٽ کان يونيورسٽي تائين ٽرانسپورٽ هلائڻ جو پڻ پلان جوڙيو ويو آهي. يونيورسٽي جي هرارڪي پوري آهي ان ۾ ڪجهه مستقل ۽ ڪجهه غيرمستقل آفيسر شامل آهن. ڊائريڪٽر فنانس مستقل پوسٽ تي آهي، جڏهن ته ٻيا عهدا ڀرڻ لاءِ به هوم ورڪ ڪري ورتو آهي. گذريل ڏينهن ٿيل سينڊيڪيٽ جي ٻئي اجلاس ۾ بجيٽ جي منظوري ملي آهي جلد ڀرتين جو اشتهار ڏنو ويندو، يونيورسٽي ۾ هن وقت تقريباً 40 جي لڳ ڀڳ عملو ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ تدريسي ۽ غير تدريسي عملو شامل آهي، هن وقت يونيورسٽي ۾ هڪڙو پروفيسر، 5 ايسوسيئيٽ پروفيسر، 5 اسسٽنٽ پروفيسر ۽ 5 ليڪچرار ڪم ڪري رهيا آهن، ڇنڇر ڏينهن ٿيل سينڊيڪيٽ اجلاس ۾ مختلف معاملن جي منظوري بعد جلد يونيورسٽي لاءِ بينيوويلنٽ فنڊ قائم ڪيو ويندو، جيڪو هوشيار ۽ ضرورتمند شاگردن لاءِ هوندو، بجيٽ جي منظوري کان پوءِ اهو انهن شاگردن تي خرچ ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ڪميٽي پڻ جوڙي ويندي. هن چيو ته هيءَ يونيورسٽي غريب ۽ پٺتي پيل شاگردن کي تعليم جي زيور سان نوازڻ سان گڏوگڏ کين شعور به ڏيندي، انهي لاءِ استادن توڙي هتي موجود سموري عملي کي پنهنجون ذميواريون ايمانداري سان ادا ڪرڻ گهرجن. ان سان گڏوگڏ شاگردن توڙي والدين کي پڻ اداري سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ گهرجي ته جيئن هيءَ يونيورسٽي پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي. وائيس چانسلر چيو ته استاد شاگردن لاءِ رول ماڊل هوندا آهن انهي لاءِ استادن کي انهي نوعيت جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. استاد پيغمبري پيشو آهي جنهن ڪري استاد ان کي ان جو درجو ڏئي شاگردن کي تعليم جي زيور سان نوازين ته جيئن اهي يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ معاشري لاءِ اعليٰ فرد جو ڪردار ادا ڪري سگهن ۽ عملي زندگي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته شاگردن کي مارڪيٽ بيسڊ ڊگري ڏيڻ لاءِ نه رڳو کين ڊگري ڏني ويندي پر سندن ڪيريئر ڪائونسلنگ لاءِ پيشيور تربيت جو به پلان آهي. ان سلسلي ۾ مهراڻ يونيورسٽي سان هڪ معاهدو پڻ ڪيو آهي، جيڪو پيپلز انفارميشن پروگرام تحت آهي جنهن ۾ هن وقت يونيورسٽي ۾ 2 وڳي کان پوءِ يونيورسٽي کان ٻاهر جا ٻار ڪمپيوٽر بابت تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. مستقبل ۾ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ به ان نوعيت جا پروگرام ترتيب ڏيڻ جو به عزم رکون ٿا. تازو يونيورسٽي جي تعليم ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس کي متعارف ڪرائڻ لاءِ پڻ سيمينار ڪرايو ويو. وائيس چانسلر چيو ته ايڇ اي سي جي انرولمينٽ بعد بجيٽ منظور ٿيڻ شرط اسان ميڊيا اسٽڊيز، ايجوڪيشن، قانون، ڪرمنالاجي، سنڌي، لئنگويجز، ۽ ٻيا شعبا به شروع ڪنداسين ته جيئن يونيورسٽي جو دائرو مختلف مارڪيٽ بيسڊ شعبن تائين وڌائي سگهجي. يونيورسٽي بابت پڇيل هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ وائيس چانسلر چيو ته بنيادي ڍانچو وڏي اهميت وارو آهي، انهي لاءِ اميد آهي ته پبلڪ اسڪول جي ڀر ۾ پيل 18 ايڪڙ زمين ملي پوي ته جيئن اتي يونيورسٽي جو بنيادي ڍانچو چڱي ريت قائم ڪري سگهجي. وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ بنيادي ڍانچي جي آهي جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، پنهنجي طرف کان پي سي ون تيار پيل آهي جيئن ئي زمين ملڻ وارو معاملو حل ٿي ويندو ته ان بعد جلد ان تي ڪم شروع ڪري وٺنداسين. مستقبل ۾ ڊويزن جي سمورن ڏورانهن علائقن ۽ پٺتي پيل طبقي جي شاگردن کي تعليم جي زيور سان نوازڻ لاءِ پر عزم آهيون. وائيس چانسلر چيو ته الله پاڪ مون کي علائقي واسي شاگردن کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ جو موقعو ڏنو آهي، آئون پنهنجي ايمانداري سان ڪوشش ڪندس ته ان لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهان، هي الله جي طرفان مون کي موقعو مليو آهي ته مان هن يونيورسٽي لاءِ ڪجهه ڪري وڃان. يونيورسٽي جو پهريون سينڊيڪيٽ اجلاس يونيورسٽي جي قيام بعد ٿي چڪو آهي ۽ ٻيو سينڊيڪيٽ جو اجلاس ڇنڇر ڏينهن ٿيو جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، سينڊيڪيٽ جي ميمبرن ۾ ايڇ اي سي سنڌ جو سيڪريٽري معين صديقي، سيد سهيل اڪبر شاهه، عباس بلوچ، احسان لغاري، پشپا ڪماري، سنڌ يونيورسٽي جي سوشل سائنسز فيڪلٽي جو ڊين حماد الله ڪاڪيپوٽو، سروتِ نظاماڻي، ڊاڪٽر ماهه جبين لغاري، ڊاڪٽر نذر چانڊيو، ڊاڪٽر نعيم گلال ۽ وائيس چانسلر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ شامل هئا. وائيس چانسلر چيو ته بجيٽ ڊرافٽ تيار ڪيو ويو آهي، جلد سمورا معاملا بهتر ٿي ويندا.