ڪراچي-27 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته اختلافن ۽ احتجاج جو به وقت ھوندو آھي، حساس موقعن تي احتجاج جو سڏ ڏيڻ ڪا سٺي روايت ناھي، خيبرپختونخواھ جي وڏي وزير ۽ بشريٰ بي بي احتجاج دوران پوري سرڪاري مشينري استعمال ڪئي، پوليس کي يرغمال بڻايو ويو، پوليس ۽ فورسز جي جوانن کي شھيد ڪيو ويو، پي ٽي آءِ چاھي ٿي ته کيس لاش ملن جن تي اھا سياست ڪري سگھي. گھرو وزير متحرڪ رھيو ۽ بھتر حڪمت عملي سان ھُن پي ٽي آءِ جي خواھش پوري ٿيڻ نه ڏني. ڪراچي ۾ نيب ڪورٽ ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته بشريٰ بي بي عمران خان کان به ٻه ھٿ اڳتي نڪتي. ھن عوام کي مارائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي. بشريٰ بي بي ۽ خيبرپختونخواھ جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ڪنٽينر تي بيھي چئي رھيا ھُئا تھ عمران خان کي گڏ وٺي وينداسين پر جڏھن پوليس ڪارروائي ڪئي تھ سڀني کان اڳ علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي فرار ٿيا. ھن چيو ته عوام اھڙن ماڻھن جي ڳالھين ۾ نه اچي جيڪي کين تشدد تي اتساھين، پي ٽي آءِ معصوم ماڻھن کي دھشتگردي سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، احتجاج جو سڏ 9 مئي جھڙي احتجاج کان ڪنھن به صورت ۾ گھٽ نھ ھو، پي ٽي آءِ وارا 9 مئي جھڙا واقعا ڪرڻ چاھين ٿا، اھي واقعا سڀني جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آھن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسين بشريٰ بي بي جو احترام ڪريون ٿا، پر سندس ڪردار ناڪاري رھيو، ڪنھن به ملڪ ۾ ھٿياربند جٿا وٺي پوليس ۽ فورسز تي حملي جي اجازت ناھي، احتجاج دوران جن کي ھٿيار کنيل ھُئا، اُنھن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي. ھن چيو ته احتجاج سڀني جو حق آھي پر احتجاج جي نالي تي مظاھرو ڪندڙن جي ھٿن ۾ ھٿيار ۽ آنسو گيس واريون بندوقون ناھن ھونديون، احتجاج جو مقصد اھو ناھي ته ھٿياربند جٿا وٺي ملڪ ۽ وفاقي گادي واري شھر کي يرغمال بڻايو وڃي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان ورھين کان عدالتن ۾ اچي رھيا آھيون، پي ٽي آءِ وارا به عدالتن کي منهن ڏين، اسان جي قيادت صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر کي جيل ۾ رکيو ويو، سنڌ ۾ اسان جي حڪومت ھُئي، پر اسان ڪڏھن به ايئن نه ڪيو، اسان به لانگ مارچ ڪيا، اسان جو رستو روڪيو ويو، اسان تي ڏنڊا به وسايا ويا، پر پيپلز پارٽي جي قيادت پاران ھدايتون ھُيون ته ڪنھن به صورت ۾ رياست تي ڪوبه حملو ناھي ڪرڻو، نه ئي وري ڪنھن سان به ڪنھن به قسم جي بدتميزي ڪرڻي آھي. ھن الزام هڻندي چيو ته خيبرپختونخواھ جي ايم اين ايز جا بيان سامھون آھن ته خيبرپختوخواھ جي وڏي وزير کين گاڏيون ڀري اچڻ لاءِ پئسا ڏنا، اھي پئسا سرڪاري ھُئا، پوري سرڪاري مشينري استعمال ڪئي وئي، علي امين گنڊاپور وڏي واڪي چوندو رھيو ته منھنجي مشينري آھي آئون وٺي وڃي سگھان ٿو. ڪالھ جيڪو علي امين گنڊاپور ڪيو آئون نه ٿو سمجھان ته ھي ماڻھو حڪومت ڪرڻ جي لائق آھن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته چيني صدر، آئي ايم ايف سان ڳالھين ۽ ھاڻي بيلاروس جي صدر جي آمد جي موقعي تي احتجاج ڪيو ويو، اليڪشن وڙھڻ لاءِ ڀارت ۽ اسرائيل پي ٽي آءِ کي پئسا ڏنا، مرحوم ارشد شريف اُنھن جا نالا ٻڌايا ھئا جن پي ٽي آءِ کي پئسا ڏنا، پي ٽي آءِ کي پئسا ڏيڻ وارا چاھين ٿا ته پاڪستان ۾ ھر ان موقعي تي احتجاج جو سڏ ڏنو وڃي جڏھن ملڪ ۾ ڪا وڏي سرگرمي ٿي رھي ھُجي، سياست ۾ ذاتي نه پر ملڪي مفادن کي مٿانھون رکڻ گھرجي، 24 نومبر وارو احتجاج 30 نومبر تي به ٿي سگھيو پئي پر ھنن منصوبا بندي ڪري رکي ھُئي ته پاڪستان جي باري ۾ خراب پيغام ٻاھرين ملڪن کي ڏيڻو آھي.