سکر-25 نومبر (اي پي پي) سکر ۾ پهرين عالمي سطح جي ميراٿن ريس جون تياريون جاري آهن. اڳوڻي ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه، لوڪ سڀا اڳواڻ آغا هارون، انٽرنيشنل ايٿليٽ عظميٰ عامر، امتياز خاصخيلي ۽ ٻين سکر جي مقامي هوٽل ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميراٿن ريس لاءِ 1000 رانديگرن رجسٽرڊ ڪرايو آھي جنهن ۾ 200 عورتون آهن، اڳوڻي ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه ٻڌايو ته ڪوٽ بنگلو خيرپور کان سکر پبلڪ اسڪول تائين 42 ڪلوميٽرن جي ميراٿن ريس ٿيندي. جنهن جي رجسٽريشن مفت آهي جنهن ۾ ملڪي توڙي پرڏيهي رانديگر پنهنجي رجسٽريشن حاصل ڪري سگهن ٿا، پير محمد شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته ريس کٽيندڙن کي ڪيش انعام ڏنا ويندا. لوڪ سڀا اڳواڻ آغا هارون چيو ته هر سال ميراٿن جو انتظام ڪيو ويندو ۽ 5 ڪامياب نوجوانن کي عالمي مقابلن ۾ شرڪت لاءِ تياري لاءِ ڪراچي نيو ويندو. سکر ۾ ھي پهريون ڀيرو 42 ڪلوميٽرن جي ميراٿن ريس منعقد ڪئي پئي وڃي، انٽرنيشنل ايٿليٽ عظميٰ عامر جو چوڻ ھو ته عورت رانديگرن لاءِ 10 ڪلوميٽر جو فاصلو مقرر ڪيو ويو آهي عورتن کي ميراٿن ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ گهرجي. منهنجو تعلق سکر سان آهي هاڻي مان ورلڊ ڪلاس ايٿليٽ آهيان، ٻارن کي صحت ۽ فٽنس تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي.