ڪراچي- 21 نومبر (ا ي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته حيدرآباد – سکر موٽر وي رڳو سنڌ سرڪار جو معاملو نه پر پوري ملڪ جو معاملو آھي، موٽر وي ملڪي معيشت جي لاءِ ضروري آھي ڇاڪاڻ ته ھي سڄي ملڪ جي ڪاروبار کي سھارو ڏئي ٿو. وفاقي حڪومت حيدرآباد سکر موٽر وي منصوبي کي اوليت ڏئي ۽ جلد کان جلد ان تي ڪم شروع ڪري ته جيئن پوري قوم کي فائدو پھچي سگھي. اھا ڳالھه ھن ڪراچي ۾ ڪورٽ رپورٽرز ايسوسي ايشن جي وفد سان ملاقات دوران چئي. شرجيل انعام ميمڻ سان ڪورٽ رپورٽرز ايسوسي ايشن جي وفد ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ لياقت علي راڻا، امين انور، اصغر عمر، اعظم زھراڻي، ساجد اعواڻ، شاھد حسين، ظفر سومرو ۽ ٻيا شامل ھُئا. صحافين سان ڳالھائيندي هن چيو ته صحافين جي ڀلائي ۽ پيشوراڻي ترقي جي لاءِ سنڌ سرڪار ڪيترائي قدم کنيا آھن، عدالتي نظام ۾ شفافيت ۽ احتساب کي برقرار رکڻ لاءِ ڪورٽ رپورٽرز جو ڪردار تمام گھڻو اھم ھوندو آھي. سينئر وزير وفد کي ٻڌايو ته پراڻين بسن جي لاءِ فٽنس سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا پيا وڃن. جڏهن ته ڪراچي ۾ رڳو ٻه انسپيڪٽر آھن جيڪي سمورين گاڏين کي ڪور ڪرڻ لاءِ ناڪافي آھن. سينئر وزير چيو ته ھر کاتي جو ھڪ مخصوص ڪردار ھوندو آھي ۽ جيڪڏھن ھر کاتو پنھنجون ذميواريون سھڻي نموني ادا ڪري ته ڪيترن ئي مسئلن کان ڇوٽڪارو حاصل ٿي سگھجي ٿو. ريڊ لائن بي آر ٽي رٿا ۾ ٻين يوٽليٽز سان گڏ ڪي فور واٽر پروجيڪٽ جي پائيپ لائن به شامل آھي جنھن جي ڪري ڪجھه دير ٿي آهي، ڪيترن ئي چيلنجز جي باوجود بي آر ٽي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آھي. نگران حڪومت دوران بي آر ٽي ڪم روڪيو ويو ھو جنھن ڪري ڪم ۾ دير ۽ عوام کي مشڪلاتن جو منھن ڏسڻو پيو. ھن چيو ته ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي وڌندڙ گھرج کي پورو ڪرڻ لاءِ 15 ھزار بسن جي ضرورت آھي، سنڌ سرڪار فعال طور تي ڊبل ڊيڪر بسن سان گڏ ٻيون بسون به خريد ڪري رھي آھي. ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، شھيد بينظير آباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪئي وئي آھي، سنڌ سرڪار صوبي جي ھر شھر ۾ پيپلز بس سروس جھڙيون خدمتون فراھم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رھي آھي. ھن چيو ته ڪراچي جي روڊن تي ٽريفڪ جو دٻاءُ گھٽائڻ لاءِ غير قانوني بس اڏن کي شھر کان ٻاھر منتقل ڪيو ويو آھي.