اسلام آباد- 13 نومبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ وچ ۾ اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ اهم ملاقات ٿي. جنهن ۾ مهاڻن جي مسئلن، سامونڊي گدلاڻ تي ضابطو آڻڻ ۽ ڪي ٽي بندر کي نئين بندرگاهه بنائڻ جي منصوبي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ وڏي وزير جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ پورٽ قاسم جو چيئرمين ريئر ايڊمرل ناصر شاهه به موجود هو. ان موقعي تي سڀ کان پهريان مڇي جي ٽرالرز جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ وڏي وزير ٻُڌايو ته صوبائي حڪومت مهاڻن جي وسيلن جي تحفظ لاءِ سنهي ڄار جي استعمال تي پابندي لڳائي آهي، جڏهن ته ٽرالرز کي لائسنس ڏيڻ جو معاملو به اڃا حل طلب آهي، ان سلسلي ۾ سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير، سنڌ حڪومت ۽ بلوچستان جي نمائندن تي ٻَڌل هڪ ڪميٽي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ نيڪال واري پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ کانسواءِ سمنڊ ۾ ڇڏڻ جي مسئلي تي به غور ڪيو ويو جيڪو سامونڊي گدلاڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي. وڏي وزير آگاهه ڪيو ته سنڌ حڪومت ويسٽ ڪراچي واٽرري سائيڪلنگ پروجيڪٽ جي شروعات ڪئي آهي جيڪا ٽينڊر جي مرحلي ۾ آهي. هن منصوبي تحت فيڪٽرين جي نيڪال سان ڳنڍيل 35 ايم آءِ جي ڊي ٽريمينٽ پلانٽ ۽ 28 کان 50 ايم آءِ جي ڊي پائيپ نيٽ ورڪ شامل آهن. وڏي وزير ۽ وفاقي وزير صنعتن کي ري سائيڪل پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل پلانٽ قائم ڪرڻ تي به اتفق ڪيو، جنهن ۾ ٻئي حڪومتون حصو وِجهنديون. ملاقات دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ پورٽ قاسم جي وڌندڙ بحري ٽريفڪ کي ڏسندي ڪيٽي بندر جهڙي نئين بندرگاهه جي ضرورت آهي. ڪيٽي بندر، نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي سان ڳنڍيل آهي، جنهن سان ملڪ اندر شين جي چُرپُر ۾ آساني ٿيندي. وڏي وزير ٻُڌايو ته ڪيٽي بندر شروعاتي طور تي سي پيڪ جو حصو هو پر ان تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو. وفاقي وزير خاطري ڪرائي ته نجي سيڙپڪارن سان رابطو ڪري ان منصوبي کي اڳتي وڌايو ويندو. ملاقات دوران ڪيل فيصلن تي اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ ايندڙ اجلاس جلد منعقد ٿيندو.