ڪراچي-12 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هن وقت سنڌ جا 20 ضلعا تصديق ٿيل 13ڪيسن سبب پوليو متاثر آهن پر سنڌ حڪومت صوبي مان پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه يونيسيف جي نمائندي عبدالله فاضل ۽ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ سان ملاقات دوران چئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پوليو جي خاتمي تي خاص ڌيان ڏنو آهي خاص ڪري حساس علائقن جهڙوڪ ڪراچي ۽ ڳوٺاڻن ضلعن جهڙوڪ شڪارپور، سجاول ۽ گهوٽڪي شامل آهي. هن چيو ته تازو ڪيس گهوٽڪي مان 15 آڪٽوبر تي سامهون آيو هو جڏهن ته تازن انگن اکرن موجب سنڌ ۾ ٽيسٽ ڪيل ماحولياتي نمونن مان 66 سيڪڙو پوليو وائرس مليو آهي. سنڌ جا ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۽ لوڪل هيلٿ ٽيمون پنهنجا وسيلا ڪتب آڻيندي پنجن سالن کان گهٽ ڄمار جي ٻارن کي پوليو وائرس کان بچائڻ لاءِ ٽارگيٽيڊ قدمن ذريعي ڪوششون ڪري رهيون آهن. عبدالله فاضل ويڪسينيشن کان انڪار کي چيلينج قرار ڏيندي چيو ته سنڌ جي اسٽريٽجي فار سوشل بيويور چينج پروگرام ويڪسينيشن لاءِ شعور ۽ رضامندي پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪندو، جنهن تي وڏي وزير چيو ته هن پارلياماني ميمبرن کي انهن علائقن ۾ ويڪسينيشن جي سپورٽ تي لڳايو آهي جتي انڪار جي شرح وڌيڪ آهي. وڏي وزير چيو ته حڪومت جي ڪوششن کي عالمي ڀائيوارن جي حمايت حاصل آهي جيڪي پاڪستان کي پوليو کان پاڪ ملڪ ڏسڻ چاهين ٿا. سنڌ جي قيادت پوليو جي خاتمي لاءِ ٽارگيٽڊ ۽ پائيدار قدم کڻي پاڪستان جي ٻارن جي صحتمند ۽ پوليو کان پاڪ مستقبل کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مثال قائم ڪري رهي آهي. اجلاس ۾ تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه، وڏي وزير جي سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.