ڪراچي-11 نومبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سان گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي ڪلفٽن ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي ۾ ملاقات دوران گڏيل قدرن کي مضبوط ڪرڻ ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ سھڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات جي موقعي تي گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ کي گڏيل عرب امارتن جي قومي ڏينھن جي تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ برادر اسلامي ملڪ گڏيل عرب رياستن جو قومي ڏينھن قومي برادراڻي جوش ۽ جذبي سان ملھائڻ جي خاطري ڪرائي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ گڏيل عرب رياستن جي قونصل جنرل ۾ ملاقات دوران معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ سھڪار کي وڌيڪ ھٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گڏيل عرب رياستن جي قونصل جنرل بخيت عتيق الروميتي منشيات جي خاتمي لاءِ سنڌ سرڪار جي قدمن جي تعريف ڪئي. ملاقات جي موقعي تي گڏيل عرب امارتن جي قونصل جنرل چيو ته سنڌ جي عوام لاءِ مختلف شھرن ۾ گڏيل عرب امارتن جي سنڌ حڪومت طرفان مفت طبي ڪيمپون لڳايون پيون وڃن. اُن موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گڏيل عرب امارتن ۽ سنڌ جو گڏيل برادراڻو لاڳاپو ڏھاڪن تي ٻڌل آھي، گڏيل عرب امارتن جون سنڌ جي عوام لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون ناھن، يو اي اِي اسان جو پراڻو برادر ملڪ آھي، پاڪستان خاص طور تي سنڌ جي ترقي لاءِ سندس ڪوششون ڪنھن کان به ڳجھيون ناھن. ھن چيو ته گڏيل عرب امارتن جو عوام ھر ڏکئي وقت ۾ سنڌ جي عوام سان گڏ رھي آھي، سنڌ جي صحت ۽ تعليم جي ميدان ۾ گڏيل عرب امارتن جي سيڙپڪاري اھم ڪردار ادا ڪري رھي آھي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار گڏيل عرب امارتن جي حڪومت سان شراڪتداري وڌائڻ، امن ۽ خوشحالي کي ھٿي ڏيڻ ۽ اُنھن رشتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي.