اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي ماضي کي وساري مستقبل جي لاءِ منصوبابندي ڪرڻي پوندي، مهانگائي ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ پنهنجو رت پگهار وهائي ڇڏيندس، نوجوان فسادي ۽ انتشاري قوتن جو هٿيار نه بڻجن، ملڪ دشمنن جي ڊيجيٽل دهشتگردي جو سچائي سان مقابلو ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزادي ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ارشد نديم قوم جو هيرو آهي، هن سون جو تمغو کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو. هن چيو ته سڀني کي آزادي ڏهاڙو مبارڪ هجي، الله تعاليٰ اسان کي آزادي جي نعت عطا فرمائي، قائداعظم محمد جناح جي قيادت ۾ اسان جي بزرگن قربانيون ڏئي هي ملڪ حاصل ڪيو، انهن قائدين، غازين ۽ شهيدن کي عقيدت جو سلام پيش ڪريان ٿو جن اهو ڪم ڪري ڏيکاريو جنهن نه رڳو خطي جي تاريخ پر جاگرافيائي بيهڪ پڻ تبديل ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو، ملڪ جي فرزندن قوم کي سنواريو، پاڪستان کي ائٽمي طاقت بڻايو، ڪو دشمن ملڪ کي ميري اک سان ڏسي نه سگهندو، 77 سالن کان جدوجهد جي داستان آهي، پاڪستان اهڙي طرح ئي قائم رهندو. هن چيو ته اسان کي اڄ فيصلو ڪرڻو پوندو ته قرضن ۽ ڪشڪول واري زندگي گذارڻي آهي يا قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه محمد اقبال جي فرمانن واري زندگي گذارڻي آهي جنهن جي لاءِ پاڪستان وجود ۾ آيو ۽ جنهن جي لاءِ لکين مائرن، ڀينرن ۽ نوجوانن پنهنجي رت جي قرباني ڏني، اسان کي انهن شهيدن جي توقير جي لاءِ هيستائين جيڪو ڪجهه ٿيندو رهيو ان کي دفن ڪري اڳتي وڌڻو پوندو ۽ محنت ۽ ديانت تي عمل ڪرڻو پوندو، امير ۽ غريب جو جدا جدا پاڪستان نه هجڻ گهرجي، 5 سالا معاشي پروگرام جو جلد اعلان ڪندس. هن چيو ته اسان کي پنهنجو محاسبو ڪرڻو پوندو، رڳو شعله بياني نه عملي قدمن سان قومن جي تقدير بدلجندي آهي، اسان کي ماضي مان سبق حاصل ڪري منصوبابندي ڪرڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته هر پاڪستاني قائداعظم جي خوابن جي تعبير چاهي ٿو، ڪاميابين ۽ ناڪامين جي ڊگهي فرست آهي. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي جوانن ۽ پوري قوم قربانيون ڏنيون آهن، اڄ اسان کي پنهنجي قسمت کي بدلائڻو پوندو، غربت کي خوشحالي ۾ بدلائڻو پوندو، ملڪ کي عظيم بڻائڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي کانسواءِ ملڪ جي صنعت ۽ زراعت ۽ روانگي واپار ۾ اضافو نه ٿو ٿي سگهي حڪومت ان تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ ان جا نتيجا سامهون ايندا، بجلي جي قيمتن جي حوالي سان خوشخبري ملندي ان کانسواءِ ملڪي معيشت اڳتي نه ٿي وڌي سگهي. هن چيو ته ڏينهن رات محنت سان ڪاميابي ملي ٿي، رت جي آخري ڦڙي تائين مهانگائي، بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ ملڪ جي معاشي ترقي جي لاءِ ڪم ڪندس. وزيراعظم چيو ته نوجوان اسان جو روشن مستقبل آهن، انهن جي تعليم، تربيت، ترقي ۽ هنرمندي جا سال آهن، اهي پنهنجي تعليم تي ڌيان ڏين، فسادي ۽ انتشاري قوتن جو هٿيار نه بڻجن. هن چيو ته دشمن پاڪستان جي ترقي روڪڻ جي لاءِ هر حربو استعمال ڪري رهيو آهي، اسان جو دشمن اسان جي ائٽمي طاقت ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳي دفاع کان ڊنل آهي ۽ هو ڊيجيٽل دهشتگردي جي هٿيار کي استعمال ڪري پاڪستان جي نوجوانن جي ذهنن تي ڪوڙ مڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان کي سچائي ناڪام بڻائي سگهي ٿي. سندس چوڻ هو ته شعور ۽ آگاهي انتشار نه آهي پر ترقي، خوشحالي ۽ امن آڻي ٿي، دلين کي ڳنڍي ٿي. وزيراعظم چيو ته فلسطين تي اسرائيلي ظلمن جي ڪري آزادي ڏهاڙي تي اسان جون دليون ڏکويل آهن، فلسطين ۾ اسرائيلي قتل عام جي مذمت ڪريون ٿا، دنيا جا انصاف پسند ادارا بيدار ٿين ۽ فلسطين ۾ رت کي وڌيڪ وهڻ کان روڪڻ ۽ ظالمن کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اسان ان عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته فلسطينين کي جيستائين انهن جا حق نه ٿا ملن انهن سان گڏ بيٺل رهنداسين. هن چيو ته اڄ وچن ڪريون ٿا ته اسان سڀ گڏجي ڏينهن رات محنت ڪريون ته جيئن اڳتي آزادي جي ڏهاڙي تي مسئلا نه هجن جن جي لاءِ اسان جون دليون ڏکويل آهن، اسان جي متحد ٿيڻ سان اسان کي يقيني ڪاميابي ملندي. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، پيرس اولمپڪس جي گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم، ايران ۾ عالمي حسن قرآت ۾ پهرين نمبر تي ايندڙ حافظ ابوبڪر سميت اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اسلام آباد پوليس پيرس اولمپڪس جي گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم کي سلامي ڏني.