اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ چونڊيل نمائندن جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ نائب وزيراعظم جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي قائم ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، پاڪستان جي معيشت جي بحالي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا، اسان رياست کي سياست تي ترجيح ڏئي ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو، خيبرپختونخواهه خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، انهن ضلعن ۾ بهتر تعليم جي فراهمي جي لاءِ دانش اسڪولز قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخواهه جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ چونڊيل نمائندن وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي معيشت جي بهتري تي انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي تڪن جي مسئلن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪستان جي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، خيبرپختونخواهه خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، تاريخ گواهه آهي ته ضم ٿيل ضلعن جي ترقي جي لاءِ مسلم ليگ (ن) ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا. وزيراعظم چيو ته ضم ٿيل ضلعن ۾ صحت ۽ تعليم جي معياري سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، خيبرپختونخواهه خاص طور تي ضم ٿيل ضلعن جي غريب ۽ وچولي طبقي کي عالمي معيار جي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ اتي دانش اسڪولز قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته بجلي جي شعبي جي سڌارن سان ساليانو اربين رپين جي بجلي چوري جي خاتمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، چونڊيل نمائندا بجلي جي چوري روڪڻ جي لاءِ حڪومت جي مدد ڪن. وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ ۾ زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو پيو وڃي. زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ سان نه رڳو زرعي شعبي جي ترقي ٿيندي، آبادگار کي گهٽ لاڳت ۾ بجلي ملندي، پوکيءَ هيٺ زمين ۾ اضافو ٿيندو بلڪه درآمدي ٻارڻ جي مد ۾ اربين ڊالر جي بچت ٿيندي، تازو ئي غريب ۽ وچولي طبقي کي بجلي جي بلن ۾ وڏو ريليف فراهم ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت جي بحالي جي لاءِ سخت فيصلا ڪرڻا پيا، اسان رياست کي سياست تي ترجيح ڏئي ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو. وزيراعظم چيو ته توهان سڀ پنهنجي تڪن ۾ محنت ڪريو، عوام جو ريليف توهان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي، جڏهن ته وزيراعظم نائب وزيراعظم جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي جيڪا خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ چونڊيل نمائندن جي مسئلن جو پائيدار حل ڳوليندي.