اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت اسلام آباد ۽ نئين دهلي ۾ سفارتي چينل جي ذريعي هڪ ٻئي جي قبضي ۾ قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 2008ع جي ڪائونسلر پهچ جي معاهدي تحت هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي انهن فهرستن جي هڪ ٻئي سان ڏي وٺ ڪئي ويندي آهي. پاڪستان پاڪستاني جيلن ۾ قيد 254 ڀارتي شهري قيدين ۽ مُهاڻن جي فهرست حوالي ڪئي. ڀارت ڀارتي جيلن ۾ قيد 452 پاڪستاني يا پاڪستاني شهري سمجهندڙ قيدين ۽ مُهاڻن جي فهرست شيئر ڪئي. بيان موجب پاڪستان پاران گم ٿيل 38 پاڪستاني دفاعي اهلڪارن جي فهرست به ڏني وئي. جنهن بابت خيال ڪيو وڃي ٿو ته اهي 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين کانپوءِ ڀارت جي قبضي ۾ آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان حڪومت ڀارت ۾ پنهنجي سزا پوري ڪندڙ سمورن پاڪستاني قيدين جي فوري آزادي ۽ وطن واپسي جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته جسماني ۽ ذهني طور تي معذور قيدين سميت مختلف پاڪستاني قيدين تائين خصوصي ڪائونسلر پهچ جي درخواست ڪئي وئي آهي ۽ انهن جي قومي حيثيت جي فوري تصديق جي لاءِ درخواست ڪئي وئي آهي. بيان موجب پاڪستان حڪومت ڀارت تي زور ڏنو آهي ته اهي سڀني پاڪستاني قيدين جي آزادي ۽ وطن واپسي جي منتظر قيدين جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي حڪومت انساني همدرديءَ جي معاملن کي ترجيحي بنيادن تي ڏسڻ لاءِ پرعزم آهي. هو ڀارتي جيلن ۾ قيد سمورن پاڪستاني قيدين جي جلد واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. انهن ڪوششن جي هڪ حصي طور 2023ع ۾ 62 ۽ هلندڙ سال 4 پاڪستاني قيدين جي هيستائين وطن واپسي ٿي چڪي آهي.