اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته اڊيالا جيل واري صاحب جي دور ۾ پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار هو، هاڻي اهو معاملو ختم ٿي چڪو آهي، پرڏيهي پاليسي جي خلاف ڳالهيون ڪندڙ ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن، انهن پنهنجي ذات جي خاطر ملڪ کي سدائين نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، عوام نفرت ۽ ورڇ جو بيانيو رد ڪري ڇڏيو آهي. قانون واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان قانون واري وزير تفصيلي روشني وڌي آهي، دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن جا ان بابت شديد خدشا آهن، انهن ماڻهن ملڪ جي خاطر جانيون قربان ڪيون آهن. هن چيو ته 2011ع ۾ سپريم ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن بابت انڪوائري ڪميشن جوڙي هئي جنهن تحت 10023 ڪيسز مان 7900 ڪيس حل ٿي چڪا آهن، رڳو 23 سيڪڙو ڪيس التوا هيٺ آهن. هن چيو ته حڪومت ان حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، اسان جي نيت ان مسئلي کي حل ڪرڻ آهي. هن چيو ته قانون واري وزير ماضي جي حڪومت ۾ به ان تي ڪم ڪيو، ٻيهر به ان تي ڪم ٿي رهيو آهي. ضمني چونڊن جي نتيجن جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ضمني چونڊن ۾ ڌانڌلي جو ڍنڍورو پٽيو ويو پر الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان مسلم ليگ (ن) ضمني چونڊن ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام تحريڪ انصاف جي ڪوڙ، تشدد، دفاعي ادارن جي خلاف بيانيي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ضمني چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي ووٽرز سميت ٻين پڻ مسلم ليگ (ن) کي ووٽ ڏنو. هن چيو ته ضمني چونڊن جي شفافيت تي ڪير به آڱر نه ٿو کڻي سگهي، ضمني چونڊن 8 فيبروري جي چونڊن جي حوالي سان به شڪ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته محمد نواز شريف سان ماڻهن جي وڏي محبت آهي، عوام شهباز شريف جي معاشي سڌارن ۽ پنجاب ۾ خدمت جي سياست کي ووٽ ڏنو آهي. هن چيو ته نفرت، منافقت ۽ ڪوڙ تي ٻڌل بيانيو رد ٿي چڪو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بشريٰ بي بي جي صحت جي حوالي سان تحريڪ انصاف کل جوڳي پروئگنڊه ڪري رهي آهي، بشريٰ بي بي جون سموريون طبي ٽيسٽون صحيح آيون، هوءَ صحتمند آهي. هن چيو ته جيڪڏهن بشريٰ بي بي جي صحت جي حوالي سان ڪي خدشا آهن ته کلي ٻڌايو وڃي، جڏهن بشريٰ بي بي جون ٽيسٽون ڪيون وڃن ٿيون ته هوءَ صحتمند ظاهر ٿئي ٿي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪوڙ تي ٻڌل مهم هلائي رهي آهي ته بشريٰ بي بي جي زندگي کي خطرو آهي. هن چيو ته هي پيرانايو کان ٻاهر نڪرن، اهي ڪڏهن دفاعي ادارن ۽ ڪڏهن سپهه سالار جي خلاف ڳالهه ڪن ٿا، انهن قسم کڻي ڇڏيو آهي ته ملڪي دفاعي ادارن جي خلاف ئي ڳالهه ڪرڻي آهي، انهن جو ڪوڙ بي نقاب ٿيندو پيو وڃي، انهن جو پيرانويا پوري قوم آڏو اچي رهيو آهي، اهي متضاد بيان ڏئي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. هن چيو ته پرڏيهي پاليسي تي ڪوبه ٺاهه نه ٿيندو، ڪنهن کي پاڪستان جي دوست ملڪن يا پاڪستان جي سپهه سالار جي خلاف ڳالهه ڪرڻ نه ڏني ويندي. هن چيو ته ملڪ ترقي طرف وڌي رهيو آهي جڏهن ته جيل ۾ ويٺل شخص کي نظر اچي رهيو آهي ته هو اڪيلو ٿي ويندو. هن چيو ته ان شخص پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، اسان پاڪستان جي عالمي سطح تي لاڳاپن ۽ ساک کي بحال ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته تازو ئي سعودي عرب جي اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ اربين ڊالر سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي، ايران جي صدر ڪالهه 10 ارب ڊالر جي واپاري ڪاٿي جي حوالي سان ڳالهه ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جي اسٽريٽجڪ حيثيت کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو پيو وڃي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڊيالا جيل واري صاحب جي دور ۾ پاڪستان اڪيلائپ جو شڪار ٿي ويو هو، هاڻي اهو معاملو ختم ٿي چڪو آهي، دوست ملڪن سان اسان جا لاڳاپا وڌي رهيا آهن ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري جي ڳالهه ٿي رهي آهي، ملڪ ترقي طرف گامزن ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي چڪي آهي، ملڪ ۾ سازگار ماحول جي موجودگي جي صورت ۾ ئي اهو ممڪن ٿي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ شهباز شريف جي قيادت ۽ ويزن تحت هڪ حڪومت موجود آهي جيڪا سنجيدگي سان معاشي سڌارا ڪرڻ چاهي ٿي. وفاقي وزير چيو ته گذريل ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 74 سيڪڙو مٿي ويو. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس پهريون ڀيرو 9 سالن ۾ 619 ملين ڊالر تي پهتو، آءِ ٽي روانگي واپار 306 ملين ڊالر تي پهچي چڪو آهي. هن چيو ته سڌي سنئين پرڏيهي سيڙپڪاري 20 مهينن جي اندر 285 ملين ڊالر تائين پهچي آهي. هن چيو ته اهي سموريون شيون ان لاءِ مٿي وڃي رهيون آهن جو ملڪ ترقي طرف گامزن آهي ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري اچي رهي آهي، عالمي ادارا به اها ڳالهه ڪري رهيا آهن ته پاڪستان معاشي مسئلن تي ضابطو آڻي وٺندو. هن چيو ته اسان پاڪستان جي نوجوانن کي ترقي ڏينداسين، ملڪ جي آءِ ٽي انڊسٽري سميت زراعت جي شعبي کي فروغ ڏينداسين. هن چيو ته ملڪ ۾ سازشي، ڪوڙ ۽ منافقت تي ٻڌل بيانيو رد ٿي چڪو آهي، پرڏيهي پاليسي جي خلاف ڳالهيون ڪندڙ ماضي جو قصو بڻجي چڪا آهن، پي ٽي آءِ سائفر جو ڊرامو رچايو، دوست ملڪن جي سربراهن کي ڏنل تحفن کي وڪرو ڪيو. مشاهد الله خان مرحوم ٺيڪ ئي چيو هو ته زمين وڪڻي ڇڏي، زمين وڪڻي ڇڏيو، هڪ قيدي منهنجو وطن وڪڻي ڇڏيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين پنهنجي ذات جي خاطر ملڪ کي سدائين نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته پاڪستان سڀ کان پهرين آهي، سياسي پارٽيون بعد ۾ آهن، ترقي پاڪستان جو مقدر آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ گهٽتائي ٿيندي، سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ جي ترقي جي لاءِ هر قدم کڻندي، ايندڙ ڏينهن ۾ ٻاهرئين ملڪ مان وڌيڪ وفد پاڪستان اچي رهيا آهن. وزيراعظم جو سعودي عرب جو دورو پڻ اچي رهيو آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان روشن امڪان موجود آهن، ان کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪنداسين ۽ پاڪستان کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪنداسين. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ڪميٽي گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان معاملي جي حل لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اي سي ايل جا قاعدا ۽ ضابطا موجود آهن ته ڪهڙن سببن جي ڪري نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي يا ڪڍيو وڃي ٿو. گهرو ڊويزن جيڪڏهن ڪنهن جي سفارش موڪلي ٿي ته ان تي قانون موجب عمل ٿئي ٿو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي آئي آهي، عيدالفطر جي موقعي تي حڪومت 3.82 رپين جي گهٽتائي ڪئي. هن چيو ته حڪومت خرچن ۾ گهٽتائي ۽ نجڪاري تي ڌيان ڏئي رهي آهي. پي آءِ اي جي نجڪاري سان 800 ارب رپين جو خسارو ختم ٿيندو جنهن جو بار عوام ۽ حڪومت برداشت ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس سڌارن ۽ ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهي آهي. سموريون شيون مثبت آهن، وقت سان گڏوگڏ حالتن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. هن چيو ته پوري دنيا جو پاڪستان تي اعتماد بحال ٿي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ هڪ اهڙي حڪومت موجود آهي جيڪا مسئلن کي حل ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اسان ملڪ کي ڏيوالي ٿيڻ کان بچايو، هاڻي هن ملڪ کي ترقي يافته بڻائينداسين ۽ هڪ اهڙي معيشت ٺاهينداسين جنهن تي دنيا ناز ڪري، اهو اسان جو مشن آهي ان کي جاري رکنداسين.