اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ يورپي يونين کي غلط بياني تي ٻڌل بيانيو ڏئي پاڪستان جي خلاف سازش ڪري رهي آهي، هي اهي ماڻهو آهن جن 9 مئي تي حملا ڪري شهيدن جي يادگارن کي ساڙيو، پي ٽي آءِ جي ترجمانن کي جيل مان ملڪ کي نقصان پهچائڻ جون هدايتون ملي رهيون آهن، ڪنهن کي به معيشت کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، عمران خان سميت سمورن قيدين جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ جيل عملدارن ۽ لاڳاپيل حڪومت جي ذميواري هوندي آهي. هو پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته بطور اطلاعات واري وزير پوري ڪوشش هوندي ته ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي ڀلائي لاءِ قدم کڻان. اطلاعات واري وزارت جا دروازا صحافين جي لاءِ کليل آهن، منهنجي ڪوشش هوندي ته حڪومت ۽ ميڊيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪريان. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف عهدو سنڀاليندي ئي معيشت کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي تي ڪم شروع ڪيو، گذريل ڏينهن بلوم برگ پاڪستان جي معيشت کي بهتر ڪرڻ جي صلاحيت رکڻ جي حوالي سان وزيراعظم جو ذڪر ٿيو. بلومبرگ محمد اورنگزيب جي ناڻي واري وزير جي حيثيت سان چونڊ کي بهترين چونڊ قرار ڏنو. ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب عالمي سطح تي تجربيڪار معيشتدان آهي. هن چيو ته ڪجهه سياستدان پنهنجي سياست جي لاءِ رياست جو نقصان ڪري رهيا آهن، ڪنهن کي به معيشت کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏينداسين. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف ملڪي معيشت کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ مڪروهه مهم شروع ڪئي آهي، پي ٽي آءِ يورپي يونين کي پاڪستان جو جي ايس پي پلس جو درجو واپس وٺڻ جي لاءِ مهم جوئي ڪري رهي آهي. آن لائين پٽيشن جي ذريعي هو يورپي يونين کي چئي رهيا آهن ته پاڪستان جو جي ايس پي پلس واپس ورتو وڃي جو عمران خان کي قيد ۾ سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن. حقيقت ۾ پي ٽي آءِ جا سازشي عنصر ملڪي معيشت تي حملي آور ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ماضي ۾ به پي ٽي آءِ، آءِ ايم ايف کي خط لکي ڪڌي حرڪت ڪئي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ترجمانن کي جيل مان پاڪستان کي نقصان پهچائڻ جون هدايتون ملي رهيون آهن. باني پي ٽي آءِ جي ڪوشش هئي ته هي ملڪ خدانخواسته ڊيفالٽ ڪري وڃي. هن چيو ته اهو الله جو ڪرم آهي جو شهباز شريف ذاتي دلچسپي وٺي آءِ ايم ايف سان معاهدو ڪيو ۽ ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو. هن چيو ته پي ٽي آءِ هاڻي ٻيهر آءِ ايم ايف کي خط لکڻ چاهي ٿي. هن چيو ته سوال اهو آهي ته هي ڪهڙي حيثيت ۾ خط لکي رهيا آهن؟ رياست پاڪستان ۽ قومي مفاد جو تحفظ اسان جي اولين ذميواري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ جي حڪمت عملي ۽ قدم کنيا پيا وڃن. معيشت جي بهتري جي لاءِ وزيراعظم ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم روزانو ٽي کان چار گڏجاڻيون معيشت تي ڪري ٿو. وزيراعظم مهانگائي ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف هڪ سياسي پارٽي آهي جنهن کي پنهنجو پاڻ کان اڳتي ڪجهه نظر نه ٿو اچي. ان کي پاڪستان جي سالميت جي ڪا پرواهه نه آهي. هن چيو ته پاڪستان جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس آهي ته پرڏيهي ناڻو ايندو، اسان جي روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو، رپئي جي قدر مستحڪم ٿيندي، مهانگائي گهٽ ٿيندي ۽ روزگار جا موقعا ملندا. هي ماڻهو يورپي يونين سان رابطو ڪري جي ايس پي پلس اسٽيٽس واپس وٺڻ جو چئي رهيا آهن جيڪا پاڪستان جي غريب عوام کي مشڪلاتن جو شڪار ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش آهي. هن چيو ته عمران خان جيل ۾ هڪ شاهاڻي زندگي گذاري رهيو آهي، عمران خان کي رڳو هڪ ڪمرو نه آهي پر پوري گيلري واڪ جي لاءِ ڏني وئي آهي. جيل مينوئل 1978ع موجب هر قيدي کي هفتي ۾ هڪ ملاقات جي اجازت هوندي آهي، باني پي ٽي آءِ کي هفتي ۾ چار ملاقاتن جي اجازت ڏني پئي وئي. هڪ ملاقات وڪيلن، هڪ ملاقات دوستن، هڪ ملاقات سياسي ساٿين ۽ هڪ ملاقات فيملي ميمبرن سان ٿي رهي هئي. عمران خان جڏهن کان قيد ۾ آهي ڪيتريون ئي سئو ملاقاتون ڪري چڪو آهي، عمران خان کي جيل ۾ ايڪسرسائيز جو ايڪوئپمنٽ ڏنو ويو. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ سائفر جي سازش ڪئي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي لاڳاپن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪوڙ تي ٻڌل مهم جي ذريعي ملڪي معيشت داءُ تي لڳائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته اڊيالا جيل جي ويجهو تخريبڪاري جي اطلاع تي ملاقاتن تي پابندي هنئي وئي، اها بي بنياد ڳالهه آهي ته عمران خان کي جيل ۾ سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن، باني پي ٽي آءِ کي جيڪي سهولتون جيل ۾ ميسر آهن اڄ تائين ڪنهن ٻئي سياستدان کي نه مليون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته انشاءَ الله پاڪستان جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس قائم رهندو. هن چيو ته ڪجهه جيلن جي اندر تخريبڪاري جي خدشي جي ڏس ۾ پنجاب حڪومت پاران ليٽر جاري ڪيو ويو، سيڪيورٽي آڊٽ ڪنڊڪٽ ڪرڻ پنجاب حڪومت جي ذميواري هئي. اڊيالا جيل پنجاب جي گهرو کاتي جو هڪ اٽيچڊ ڊپارٽمينٽ آهي، جيل مينوئل جي اندر سمورا قاعدا ۽ ضابطا لکيل آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ ٽوئيٽر هلي رهيو آهي، ٽوئيٽس به ٿي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪو نوٽيفڪيشن آهي ته سامهون آندو وڃي منهنجي ڄاڻ ۾ نه آهي.