راولپنڊي-01 مارچ (اي پي پي)پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) ۾(اڄ) ڇنڇر تي وڌيڪ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو، پهرين ميچ لاهور قلندرز جي ٽيم ۽ پشاور زلمي جڏهن ته ٻي ميچ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ٽيم۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي . ٻئي ميچون پنڊي اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون، پي سي بي جي انتظام هيٺ پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي. ليگ جي 17 هين ميچ (اڄ)ڇنڇر تي دفاعي چيمپئن لاهور قلندرز ۽ پشاور زلمي وچ ۾ کيڏي ويندي، ميچ ڏينهن جو 2 وڳي شروع ٿيندي،لاهور قلندرز کي فاسٽ بالر شاهين شاه آفريدي ليڊ ڪندو جڏهن ته پشاور زلمي کي بابر اعظم ليڊ ڪندو،ليگ جي 18هين ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيندو اها ميچ شام جو 7 وڳي شروع ٿيندي،ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم بيٽر رائلي روسو جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي.