اسلام آباد-28 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي نائين ايڊيشن ۾ (اڄ) خميس تي ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز وچ ۾ ميچ شام جو 7 وڳي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ شروع ٿيندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظام هيٺ پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي. ليگ جي 16 هين ميچ ڪراچي ڪنگر ۽ ڪوئيٽا وچ ۾ کيڏي ويندي، ڪراچي ڪنگز جي ٽيم 3 ميچون کيڏي چڪي آهي جنهن مان ٻن ۾ ڪامياب ٿي آهي ۽ چئن پوائنٽن سان ٽيبل تي چوٿين نمبر تي آهي. ڪراچي ڪنگز جي اڳواڻي شان مسعود ڪندو، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي ٽيم به چار ميچون کيڏي چڪي آهي ۽ کين ٽن ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي ۽ 6 پوائنٽن سان ٽيل تي ٻئي نمبر تي آهي، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي رلي روسو ليڊ ڪندو.