ويلنگٽن -28 فيبروري (اي پي پي ) نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جي ڪرڪٽ ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ (اڄ) خميس کان 4 مارچ تائين بيسن ريزرو ، ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ کيڏيل ٽن ميچن جي ٽي ٽونٽي سيريز ۾ مهمان آسٽريلوي ٽيم نيوزيلينڊ کي وائٽ واش ڪيو هيو . آسٽريليا پهرين ٽي ٽونٽي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 6 وڪيٽن تان ٻئين ميچ ۾ 72 رنسن جڏهن ته ٽئين ميچ ۾ 27 رنسن تان هارايو هيو آسٽريلوي ٽيم اڄڪلهه نيوزيلينڊ جي دوري تي آهي جتي هو ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٽي ٽي ٽونٽي ميچن جي سيريز کيڏي چڪي آهي جڏهن ته ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز باقي آهي . ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جو پهرين ميچ 29 فيبروري کان 4 مارچ تائين کيڏي ويندي ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 8 کا 12 مارچ تائين هيگلي اوول ، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏي ويندي ٽيسٽ سيريز ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ٽم سائوٿي ليڊ ڪندو .