ميلبورن-01 فيبروري(اي پي پي) آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز پهرين ميچ اڄ جمعي تي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ (ايم سي جي) ميلبورن ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٻه ٽيسٽ ميچن جي سيريز 1-1 تان برابري تي ختم ٿي وئي هئي، ميزبان آسٽريلوي ٽيم ويسٽ انڊيز ٽيم کي ايڊيليڊ ۾ کيڏيل پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته ويسٽ انڊيز ٽيم ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريلين ٽيم کي سخت مقابلي کانپوءِ 8 رنسن تان شڪست ڏئي ٻنهي ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي هئي. ان کان اڳ ڪيرن رولٽن اوول، ايڊيليڊ، ڏکڻ آسٽريليا ۾ ڪرڪيٽ آسٽريليا اليون ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويو هو ٽن ڏينهن واري وارم اپ ميچ هار جيت جي فيصلي کان سواءِ ختم ٿي ويو هو، ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ ٽيم هن وقت آسٽريليا جي دوري تي آهي جتي هو آسٽريلوي ٽيم خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي چڪي آهي. ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کانسواءِ ويسٽ انڊين ٽيم آسٽريليا خلاف ٽي ون ڊي، 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز به کيڏڻي آهي.