ميلبورن- 29 جنوري (اي پي پي) آسٽريليا ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ 2 فيبروري تي ميلبورن ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. اهڙيءَ ريت ٻي ون ڊي ميچ 4 فيبروري تي سڊني، ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ 06 فيبروري تي ڪينبرا ۾ کيڏي ويندي. ون ڊي سيريز ختم ٿيڻ بعد ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 03 ٽي – 20 ميچن جي سيريز به کيڏي ويندي. جيڪا 09 فيبروري کا هوبارٽ ۾ کيڏي ويندي. واضح رهي ته ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ کيڏيل ٽيسٽ سيريز 1- 1تان برابر رهي چڪي آهي.