ڪوپن هيگن- 01 جنوري (اي پي پي) ڊينمارڪ جي راڻي مارگريٿ ٽو 52 سال حڪومت ڪرڻ کانپوءِ اقتدار ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي. العربيا نيوز مطابق راڻي مارگريٿ نئين سال جي تقريب کي خطاب دوران اقتدار تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو. راڻي مارگريٿ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 14 جنوري تي اقتدار پنهنجي پٽ شهزادي فيڊرڪ کي ڏئي ڇڏينديس. اقتدار ڇڏڻ جو اهو فيصلو 2023 ع جي شروع ۾ ٿيل چيلهه جي سرجري کانپوءِ ڪيو هو. خطاب دوران راڻي مارگريٿ ڪيترن ئي سالن کان سندس حمايت ڪرڻ تي ڊينمارڪ جي عوام جو ٿورو پڻ مڃيو. واضح رهي ته مارگريٿ 1972 ۾ پنهنجي والد ڪنگ فريڊڪ جي لاڏاڻي کانپوءِ تخت سنڀاليو هو.