ڪوئيٽا – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ هڪ ڀيرو ٻيهر يقين ڏياريو آهي ته عام چونڊون صاف شفاف ٿينديون، چونڊ ماحول ۾ الزام معمول جي ڳالهه آهي، سياسي پارٽين جي دعوائن جو فيصلو چونڊن ۾ عوام پنهنجي ووٽ جي ذريعي ڪندي، قومپرست پارٽيون پنهنجي زاويي سان نه حقيقت جي نظر سان شين کي ڏسن، بااثر ماڻهُو پئسن تي نوڪريُون وڪڻي ارب پتي ٿي ويا آهن، انهن جو ڪوبه نالو کڻڻ لاءِ تيار ناهي، اسان پئسا وٺي ڪيل ڀرتيون رد ڪري ڇڏيون آهن، دُنيا الائي ڪٿي وڃي پهتي آهي پر اسان اڃان به ڊوميسائلن جي معاملي ۾ ڦاٿا پيا آهيُون، بلوچستان جي عوام کي ”وڪٽم ڪارڊ“ مان نڪري اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي ٻارن کي محنت ۽ هنر طرف راغب ڪرڻ گهرجي، گورننس کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بلوچستان کي بهترين آفيسر فراهم ڪيا آهن. هو صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي نگران وڏو وزير مير علي مردان خان ڊومڪي ۽ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير مرتصيٰ سولنگي پڻ موجود هو. بلوچستان ۾ چونڊن دوران سيڪيورٽي جي صورتحال بابت هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته سيڪيورٽي جي صورتحال ٺيڪ ٿي ويندي، اليڪشن ڪميشن عام چونڊون ڪرائيندي. سياسي پارٽيون دعويٰ ڪنديون رهنديون آهن، عوام فيصلو ڪندي ته انهن دعوائن ۾ ڪيترو وزن آهي. چونڊن ۾ مختلف قسم جا بيانيا هلندا آهن جيڪي غلط ۽ صحيح ٿي سگهن ٿا. نگران حڪومت جو ڪم معمول جا حڪومتي معاملا هلائڻ آهي. عام چونڊن کانپوءِ جي منظرنامي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته چونڊون منعقد ڪر هڪ آئيني ضرورت آهي ان جا نتيجا ڪهڙا هوندا اهو ڪڏهن به ناهي سوچيو ويندو، نتيجو جيڪو به هجي عام چونڊون منعقد ته ٿيڻيون آهن. قوم پرست پارٽين جي خدشن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته قوم پرست پارٽين جو مخصوص اثر وارو حلقو آهي جنهن ۾ اهي ڪڏهن کٽي وڃن ٿا ۽ ڪڏهن هارائي وڃن ٿا. قوم پرست سمجهن ٿا ته شين کي انهن جي نظر سان ڏٺو وڃي پر اسان چاهيون ٿا ته حقيقت جي نظر سان شين کي ڏٺو وڃي. چونڊ ماحول ۾ الزام معمول جي ڳالهه آهي. بلوچستان ۾ مگسي، ڄام، ڊومڪي ۽ ٻيا سياسي خاندان پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ کان سياست ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. نگران وزيراعظم يقين ڏياريو ته عام چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون. بلوچستان ۾ صورتحال اهڙي هوندي آهي ته مختلف چونڊ تڪن ۾ اڳڪٿي ڪرڻ ڪنهن حد تائين ممڪن هوندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته پنجره پل فيبروري جي پڄاڻي يا مارچ جي شروع تائين آپريشنل ٿيندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته غيرقانوني پناهگيرن کي واپس وطن موڪليو پيو وڃي، جن ماڻهن اهو چاهيو پئي ته اهي ڪهڙي طرح واپس هليا وڃن، اهي به هن عمل تي تنقيد ۾ شامل آهن. هن چيو ته چونڊ عمل ۾ ڪنهن کي وٽ وجهڻ جو حق هوندو ۽ ڪنهن کي نه، اهو فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو آهي ۽ اسان جو ان سان ڪو تعلق نه آهي. ڪوئيٽا شهر ۾ گئس سپلائي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان کي گئس سپلائي جي حوالي سان ڇوٽ ڏني وئي آهي ڇو ته سردين جي موسم ۾ گئس جو هتي تمام وڏو مسئلو هوندو آهي. باقي صوبن جي عوام جي لاءِ گئس جي سپلائي گهٽ ڪئي وئي آهي. سي پيڪ جي اولهندي روٽ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت وٽ نوان منصوبا شروع ڪرڻ جو مينڊيٽ نه آهي، ان مان نئين منصوبن جي توقع نه رکڻ گهرجي، ان جي باوجود مون ڪوئيٽا خضدار ٻن ڦاڪن واري ڪيرج وي جي لاءِ سعودي ۽ اماراتي فنڊز حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي راءِ ۾ پراڻي منصوبن ۾ هي سڀ کان اهم منصوبو آهي. اميد آهي فيبروري تائين ان حوالي سان سٺي خبر ايندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته غيرمقامين پاران بلوچستان جي ڊوميسائيل جي بنياد تي نوڪريون حاصل ڪرڻ جون ڳالهيون پراڻيون ٿي چڪيون آهن. بلوچستان جي مختلف علائقن جي ماڻهن کي هڪ ٻئي جي ڊوميسائيل تي پڻ اعتراض آهن. 1970ع کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن جو ڊوميسائيل غلط ٺهيو آهي ته ان جي خلاف ضرور ڪارروائي ڪئي ويندي جڏهن ته دنيا هاڻي اڳتي نڪري چڪي آهي ۽ اسان اڃا تائين انهن شين ۾ ڦاٿل آهيون. اسان کي پنهنجي ٻارن کي محنت جي تلقين ڪرڻ گهرجي، انهن کي هنر سيکارڻ گهرجي. موقعا موجود آهن، انهن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ”وڪٽم ڪارڊ“ گهڻو کيڏي ورتو آهي، هاڻي ان کان اڳتي وڌڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي نوڪريون وڪرو ڪرڻ نه ڏينداسين. 10، 10 20 20 لک رپين ۾ نوڪريون وڪرو ڪيون پئي ويون. ڊوميسائيل تي ته ماڻهو ڳالهه ڪن ٿا پر نڪرين جي وڪري واري معاملي تي ڳالهه نه ٿي ڪئي وڃي. اهي ڀرتيون جن جي لاءِ بااثر ماڻهن پئسا ورتا هئا ۽ اڄ اربين رپين جي جائيدادن جا مالڪ آهن، اهي اسان ڪينسل ڪري ڇڏيون آهن. اهڙن ماڻهن جو ڪو نالو به نه ٿو وٺي. زيارت کان گوادر تائين هر جڳهه تي نوڪرين جا ريٽ مقرر هئا، ڪير ان کي نه روڪي رهيو هو. اسان اچي اهو سلسلو ختم ڪيو، هاڻي ڪنهن کي نوڪريون وڪرو ڪرڻ نه ڏينداسين. بلوچستان جي محرومين جي حوالي سان نگران وزيراعظم چيو ته بلوچستان جا مسئلا پراڻا ۽ مُشڪل نوعيت جا آهن جيڪي گورننس سان ڳنڍيل آهن ۽ جنهن ۾ سياستدانن ۽ بيوروڪريسي جو ڪردار آهي. صوبائي حڪومت سول سروسز جا ماڻهو گهريا هئا جيڪي اسان موڪلي ڇڏيا آهن ته جيئن ميرٽ تي آفيسرز مقرر ٿين ۽ ايدمنسٽريشن بهتر ٿئي. اسمگلنگ ۽ ان سان واڳيل ماڻهن جي حوالي سان سماج تي جيڪي اثر پئجي رهيا آهن اهي اسان سڀني جي سامهون آهن. ان صورتحال کي بهتر بڻائڻ تمام وڏو چئلينج هو. اشرافيه ۽ ڪرپٽ عنصرن جو هڪ الائنس هو جنهن پوري صوبي کي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو هو ۽ ان سان قومي خزاني کي شديد نقصان پهچي رهيو هو. اسان جيڪي شيون بهتر ڪري سگهياسين پئي، ڪيون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته سرفراز بگٽي پنهنجي سياسي وابستگي جي حوالي سان پاڻ جواب ڏئي سگهي ٿو. منهنجو ڪنهن سياسي پارٽي ۾ شموليت جو ارادو نه آهي.