ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ وچ ۾ چوٿين ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪٽ ميچ 20 ڊسمبر تي کيڏي ويندي

ٽرينيڊاڊ- 18 ڊسمبر (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي ڪرڪٽ ٽيمن وڇ ۾ پنجن ٽي - ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ميچ 20 ڊسمبر تي برائن لارا اسٽيڊيم تاروبار، ترينيڊاڊ ۾ کيڏي ويندي. ميزبان ويسٽ انڊيز ٽيم کي پنجن ميچن جي سيريز ۾ مهمان برطانوي ٽيم خلاف 2-1 جي سرسري حاصل آهي. ويسٽ انڊيز جي ٽيم پهرين ٽي - ٽونٽي ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي …

ٽرينيڊاڊ- 18 ڊسمبر (اي پي پي) ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي ڪرڪٽ ٽيمن وڇ ۾ پنجن ٽي – ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ميچ 20 ڊسمبر تي برائن لارا اسٽيڊيم تاروبار، ترينيڊاڊ ۾ کيڏي ويندي. ميزبان ويسٽ انڊيز ٽيم کي پنجن ميچن جي سيريز ۾ مهمان برطانوي ٽيم خلاف 2-1 جي سرسري حاصل آهي. ويسٽ انڊيز جي ٽيم پهرين ٽي – ٽونٽي ميچ ۾ انگلينڊ جي ٽيم کي 4 وڪيٽن تان هارايو هيو. ٻي ٽي – ٽوئنٽي ميچ ۾ 10 رنسن تان هارايو هيو. برطانوي ٽيم ٽئين ٽوئنٽي ۾ ڪم بيڪ ڪندي ويسٽ انڊيز جي ٽيم کي 7 رنسن تان هارايو هيو . ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي – ٽونٽي ميچن جي سيريز جي چوٿين ميچ 20 ڊسمبر تي ٽرينيڊاڊ جڏهن ته پنجين ۽آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 2 ڊسمبر تي ٽرينڊاڊ ۾ کيڏي ويندي.

مزید خبریں