جده-11 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سونارڪي بازار ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. سودي عرب جي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق ملڪي سونارڪي بازار ۾ گذريل ڏينهن سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. 24 قيراط هڪ گرام سون جي قيمت 242.67 ريال، 22 قيراط هڪ گرام سون جي قيمت 221.53 ريال، 18 قيراط هڪ گرام سون جي قيمت 181.26 ريال، 21 قيراط هڪ گرام سون جي قيمت 211.46 ريال رڪارڊ ٿي آهي. گولڊ مارڪيٽ 21 قيراط 08 گرام گني 2030.06 ريال، 22 قيراط 08 گرام گني 2126.73ريال، 24 قيراط جي گني 2320.07 ريال رڪارڊ ڪئي وئي. ۽ هڪ ڪلو گرام سون جو اگهه 243365.46 ريال رڪارڊ ڪيو ويو.