ممبئي _11 ڊسمبر (اي پي پي ) ڀات ۽ انگلينڊ جي عورتاڻي ٽيمن وچ ۾ واحد ٽيسٽ ميچ 14 کان 17 ڊسمبر تائين ڊاڪٽر ڊي وائي پاٽل اسپورٽس اڪيڊمي ، نوي ممبئي ۾ کيڏي ويندي . ان کان اڳ مهمان انگلينڊ جي عورتاڻي ٽيم ميزبان ڀارتي وومينز ٽيم کي ٽن ٽي ٽونٽي ڪرڪيٽ ميچن تي ٻڌل سيريز ۾ 2-1 تان شڪست ڏني هئي .